هفتي ۾ مريم جي درخواست تي فيصلو ڪيو وڃي؛ عدالت

لاهور (بيورو رپورٽ) لاهور هاءِ ڪورٽ حڪومت جي نظرثاني ڪميٽي کي 7 ڏينهن ۾ مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ جي نظرثاني درخواست تي قانون مطابق فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. صوبائي دارالحڪومت جي عدالت عاليه ۾ جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ مريم نواز جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي مريم نواز جي وڪيل امجد پرويز ۽ اعظم نذير تارڙ پيش ٿيا. جڏهن ته وفاقي حڪومت طرفان ايڊيشنل اٽارني جنرل اشتياق اي خان پيش ٿهيو. ٻڌڻي دوران مريم نواز جي وڪيل چيو ته ان جي درخواستگذار تي ڪرپشن ۽ ڪرپٽ پريڪٽس جا الزام لڳائي نالو اي سي ايل ۾ وڌو ويو آهي. هن چيو ته مريم نواز جو موقف ٻڌڻ بغير ان جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪري وفاقي حڪومت ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ آرڊيننس جي خلاف ورزي ڪئي آهي. ان تي جسٽس علي باقر نجي چيو ته آرڊريننس جي سيڪشن 3 تحت توهان وفاقي حڪومت جي سامهون نظرثاني جي اپيل ڪري سگهو ٿا جنهن تي وڪيل جواب ڏنو ته مريم نواز  اي سي ايل کان نالو ڪڍرائڻ لاءِ حڪومت کي ڪا به درخواست ناهي ڏني ڇاڪاڻ ته عدالت کان بهتر ٻيو ڪو فرم ئي موجود ناهي. مريم نواز جي وڪيل عدالت ۾ چيو ته حڪومتي وزير بار بار چئي رهيا آهن ته هو مريم نواز کي ملڪ کان ٻاهر نه وڃڻ ڏيندا. حڪومت خود مريم نواز کي ٻاهر موڪلڻ نه ٿي چاهي ته پوءِ حڪومت کي ڪهڙي درخواست ڪيون. ان تي عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته سياست ۾ ته مخالف جماعتون هونديون آهن جنهن تي وڪيل چيو ته عدالتن جا فيصلا موجود آهن عدالت وفاقي حڪومت کي درخواست ڏيڻ بغير اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جو حڪم ڏئي. ٻڌڻي دوران جسٽس علي باقر نجفي ريمارڪس ڏيندي چيو ته توهان کي وفاقي حڪومت کي درخواست ڏيڻ گهرجي تاڪه هو ان جو فيصلو ڪن جنهن تي وڪيل امجد پرويز چيو ته حڪومت ته چئي رهي آهي ته طوطي جي جان اسان وٽ آهي. ان تي عدالت چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ادارا پنهنجو پنهنجو ڪم ڪن اسان درخواست کي زير التوا رکي حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ نه ٿا چاهيون جنهن تي وڪيل چيو ته عدالت ان درخواست کي ٻڌڻي هيٺ رکي ۽ حڪومت کي مريم نواز جي نظرثاني درخواست تي فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي. ان تي حڪومتي وڪيل چيو ته عدالت حڪومت کي 15 ڏينهن جو وقت ڏئي. جنهن کان پوءِ عدالت حڪومت جي نظرثاني ڪميٽي کي 7 ڏينهن ۾ مريم نواز جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ واري معاملي تي قانون مطابق فيصلي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ان سان گڏ درخواست نمٽائي ڇڏي. واضح رهي ته 7 ڊسمبر تي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي نياڻي مريم نواز پنهنجو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍي 6 هفتن لاءِ ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي اجازت وٺڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي. درخواست ۾ وزارت داخلا، وفاقي تحقيقاتي ادارو، قومي احتساب بيورو جي چيئرمين ۽ ڊي جي نيب لاهور کي ڌر بڻايو هو. درخواست ۾ مريم نواز موقف اختيار ڪيو هو ته العزيزيه ريفرنس ۾ سزا باوجود بيمار والده ڇڏي ٻاهرين ملڪ والد سان گڏ واپس آئي ليڪن منهنجو موقف بڌڻ بغير ئي نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو