لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ 21 کان 25 سيپٽمبر 2026ع تائين عدالت ۾ هلندڙ ڪيسن بابت انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن.رپورٽ موجب لاهور هاءِ ڪورٽ جي پرنسپل سيٽ ۽ ٽن علائقائي بينچن ۾ 5 ڏينهن دوران مجموعي طور 6473 ڪيس اڪلائي ڇڏيا ويا، جڏهن ته ان عرصي دوران 3415 نوان ڪيس داخل ٿيا. رپورٽ موجب لاهور هاءِ ڪورٽ جي پرنسپل سيٽ تي 1957 نوان ڪيس داخل ٿيا، جڏهن ته عدالت طرفان 3301 ڪيس اڪلائي ڇڏيا ويا.










