6 نومبر تي ٿيندڙ ڳالهين ۾ مثبت نتيجا نڪرڻ جي اميد

6 نومبر تي ٿيندڙ ڳالهين ۾ مثبت نتيجا نڪرڻ جي اميد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي چيو آهي ته پاڪستان کي اميد آهي ته 6 نومبر تي افغان طالبان سان ڳالهين جو ايندڙ دور مثبت نتيجا ڏيندو، جمعي تي هفتيوار پريس بريفنگ دوران پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي چيو ته ‘پاڪستان مفاهمت جي عمل ۾ پنهنجو ڪردار جاري رکندو ۽ 6 نومبر تي ڳالهين مان مثبت نتيجن جي اميد رکي ٿو، هن ياد ڏياريو ته پاڪستان ۽ افغان طالبان حڪومت جي وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو دور خميس جي شام استنبول ۾ ثالثن جي موجودگي ۾ ختم ٿيو، ترجمان موجب، پاڪستان 25 آڪٽوبر تي نيڪ نيتي ۽ مثبت ارادن سان شروع ٿيندڙ استنبول ڳالهين ۾ حصو ورتو هن چيو ته ڳالهيون شروعاتي طور تي ٻن ڏينهن لاءِ طئي ڪيون ويون هيون، جڏهن ته، باهمي رضامندي سان طالبان حڪومت سان معاهدي تائين پهچڻ جي سنجيده ڪوشش ۾ پاڪستان چئن ڏينهن تائين ڳالهيون جاري رکيون، ترجمان چيو ته پاڪستان طالبان حڪومت سان مثبت ڳالهيون ڪيون، پر پنهنجي واضح موقف تي سمجهوتو نه ڪيو ته افغان سرزمين کي پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي، هن زور ڏنو ته پاڪستان وڌيڪ ڇڪتاڻ نٿو چاهي، پر اميد رکي ٿو ته طالبان حڪومت عالمي برادري سان ڪيل پنهنجي واعدن کي برقرار رکندي ۽ پاڪستان جي جائز سيڪيورٽي خدشن کي حل ڪرڻ لاءِ فتنہ الخارج ۽ فتنھ الهندستان سميت دهشتگرد تنظيمن خلاف ٺوس ۽ تصديق ٿيل قدم کڻندي. طاهر اندرابي چيو ته گذريل چئن سالن کان، پاڪستان مطالبو ڪري رهيو آهي ته افغان طالبان پنهنجي سرزمين تي موجود دهشتگرد تنظيمن خلاف فيصلو ڪندڙ ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪن. هن چيو ته، ‘اسان بار بار طالبان حڪومت کي افغانستان ۾ فتنھ الخارج ۽ فتنھ الهندستان جي اعليٰ قيادت جي موجودگي بابت تصديق ٿيل معلومات فراهم ڪئي آهي، جڏهن ته، ماضي ۾ بار بار يقين ڏياريون ويون آهن ته، افغانستان کان پاڪستان ۾ دهشتگرد حملا وڌي ويا آهن.طاهر اندرابي چيو ته آڪٽوبر ۾، افغان سرزمين تان پاڪستاني علائقن تي بي سبب حملا ڪيا ويا، ۽ پاڪستان سرحدي علائقن ۾ اشتعال انگيزين جو سخت جواب ڏنو.پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي واضح ڪيو ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي پر پنهنجي خودمختياري ۽ عوام جي حفاظت لاءِ هر قدم کڻندو. پاڪستان کي اميد آهي ته 6 نومبر جي ڳالهين ۾ مثبت نتيجا نڪرندا. هن قطر ۽ ترڪي جي تعميري ڪردار جي تعريف ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو