6 منٽن ۾ فل چارج ۽ هڪ هزار ڪلوميٽر جو سفر

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) چين جي اسٽارٽ اپ يعني نئين ڪمپني گريٽر بي ٽيڪنالاجي جو چوڻ آهي ته ان جو نئون فينڪس سيل سپر ڪنڊڪٽنگ مواد سان ٺاهيو ويو آهي ۽ ان ۾ ٿرمل مئنيجمينٽ ٽيڪنالاجي آهي جيڪا پنجن منٽن ۾ بيٽري کي منفي 4 ڊگري فارن هائيٽ کان 77 فارن هائيٽ تائين گرم ڪري سگهي ٿي. گريٽر بي جي گڏيل باني ۽ چيئرمين هوانگ زيانگ ڊونگ جي مطابق، اها ليٿيم آئن بيٽري کي عام طور تي هلائڻ جي اجازت ڏئي ٿي ۽ هر موسم جي حالتن ۾ ڇهن منٽن اندر مڪمل چارج ٿي سگهي ٿي. “اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته اليڪٽرڪ وهيڪل يعني EVs جي بيٽري سرد علائقن ۾ ڪم ڇڏي ڏيندي آهي. نئين تيار ڪيل فينڪس بيٽري جي 6 منٽن جي هڪ چارجنگ تي 1000 ڪلوميٽر تائين سفر ڪري سگهجي ٿو. ٻن سالن ۾ هڪ ارب ڊالر جي ماليت واري هن ڪمپني جي مالڪ جو چوڻ آهي ته تجربو ڪامياب ٿي ويو آهي پر ڪمرشل پروڊڪشن ۾ هڪ سال لڳي سگهي ٿو. اسين مختلف ڪار ڪمپنين کان آرڊر وٺي رهيا آهيون. ماهرن جو چوڻ آهي ته هي وڏو بريڪ ٿرو آهي ۽ ايس يو وي جهڙين وڏين گاڏين جي ڊگهي سفر جو مسئلو حل ٿي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو