44 واٽ چارجنگ، اموليڊ ڊسپلي: ويوو وي 29 جو لائيٽ ورزن متعارف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تازو وييو پنهنجي V29 پرو اسمارٽ فون کي متعارف ڪرايو ۽ هاڻي ڪمپني ان جو لائيٽ ورزن متعارف ڪرايو آهي. هي نئون مڊرنج ڊيوائس آهي جنهن جي ڊسپلي 6.78 انچ اموليڊ آهي. فون ۾ اسنيپ ڊريگن 695 چپ سيٽ آهي ۽ 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج سان ملي ٿو.فون جون 3 ڪيمرائون آهن جن ۾ مين ڪيمرا 64 ميگا پگزل جي آهي. فون جي بيٽري 5000 ايم اي ايڇ جي آهي جيڪا 44 واٽ سان چارج ٿئي ٿي. هي فون ڪاري ۽ سونهري رنگن ۾ به موجود آهي.شروعاتي طور تي هي يورپ ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي ۽ هن جو اگهه 386 آمريڪي ڊالر رکيو ويو آهي. ( هڪ لک کان وڌيڪ پاڪستاني رپيا)

پهنجو تبصرو موڪليو