39 ڏينهن وارو ورلڊ ڪلچر فيسٽيول جاري،مختلف نمائشن جو  افتتاح

39 ڏينهن وارو ورلڊ ڪلچر فيسٽيول جاري،مختلف نمائشن جو افتتاح

ڪراچي (رپورٽر) آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي ميزباني ھيٺ جاري 39 ڏينهن عالمي ثقافتي ميلي 2025 جي هڪ ويهين ڏينهن موسيقي ورڪشاپ، فلم ڏيکاءُ ۽ جاپاني ڊرامو “سيلري مين ميڪبٿ پيش ڪيو ويو، جڏهن ته ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضيٰ وهاب فن پارن تي ٻڌل بين الاقوامي نمائش امن ۽ ٽڪرا ڀاڱو 4 جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي آرٽس ڪائونسل جا صدر محمد احمد شاهه ساڻس گڏ هو. ان موقعي تي فرانس جي سفارتي عملي مان ثقافتي سهڪار واري شعبي جي ذميوار مارڪ پيٽن سميت فن مصوري سان لاڳاپيل ڪيترائي نامور ماڻهو وڏي تعداد ۾ موجود هئا. نمائش ۾ نائجيريا، برڪينا فاسو، يونان سميت ڪيترن ئي ملڪن جي فنڪارن جا فن پارا رکيا ويا، جڏهن ته پاڪستان جي نامور مصورن امين گل جي، اڪرم اسپال، بازل حبيب، حمزه قاضي، ايس ايم فواد، راحت علي، محمد مزمل، محمد اسد گلزار، حيدر علي نقوي، آصف احمد، عابده ڊاهري، مونا نقوش، زاهد مايو، غلام حسين ۽ اي ايس رند جا تيار ڪيل فن پارا پڻ ڏسندڙن جي ڌيان جو مرڪز بڻيا رهيا.ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضيٰ وهاب موقعي تي چيو ته عالمي ثقافتي ميلي جي ڪري ڪراچي هن وقت ثقافت جو وڏو مرڪز بڻيل آهي. ڪراچي محبتن جو شهر آهي، اسين اڄ سڄي دنيا کي ڏيکاري رهيا آهيون ته فن ۽ ثقافت ماڻهن کي ڪيئن گڏ جوڙي ٿي. احمد شاهه جو ٿورائتو آهيان، جن جي محنت سبب سڄي دنيا جا فنڪار هتي اچي رهيا آهن. آرٽس ڪائونسل ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي فنڪارن جي صلاحيتن جو شاندار ميل جول نظر اچي رهيو آهي. اهڙا ادبي ۽ فني پروگرام روزاني بنيادن تي ٿيڻ گهرجن. فرانس جي ديواري فن ماهر، پاڪستاني مصورن سان گڏجي ڪراچي جي ديوارن کي نئين روپ ۾ سينگارڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، ۽ جلد شهر جون ديوارون خوبصورت فن سان سجيون ويل نظر اينديون. هن وڌيڪ چيو ته اسان هتي غير ملڪي فنڪارن جي ڪم مان گھڻو ڪجهه سکڻ پيا. آرٽ، موسيقي، ناچ، سڀ ڪجهه هتي پيو ٿئي. جلد فيضي رحمان جي سالن کان بند پيل هال جون رونقون بحال ڪيون وينديون. ڪراچي پاڻ هڪ ملڪ جي حيثيت رکي ٿو، ۽ منهنجي نظر ۾ اهو ساڳيو ڪراچي آهي، جنهن بابت مون ٻالڪپڻ ۾ ٻڌو هو. ميلي جي هڪ ويهين ڏينهن جي شروعات پرتگال جي گلوڪار رڪارڊو پاسوس جي موسيقي سان ٿي، جنهن آرٽس ڪائونسل موسيقي اڪيڊمي جي شاگردن کي موسيقي جا گُر سيکاريا. ورڪشاپ دوران هن ٻڌايو ته ڇرڪو وڄائڻ موسيقي جو اهم حصو آهي، جنهن جون ٻه ڌنون هونديون آهن، هڪ نرم ۽ ٻي ڳري، موسيقي ۾ برابري رکڻ تمام ضروري آهي. هن ٻڌايو ته تمبورين جي بنيادي لئه تڪارا تڪارا آهي. فلم ڏيکاءَ ۾ پاڪستاني ايوارڊ يافته ڊرامائي فلم “ساون” ڏيکاري وئي، جيڪا هڪ معذور ٻار جي زندگيءَ جي جدوجهد، همت، بقا ۽ سماجي ناانصافين کي انتهائي خوبصورتي سان پيش ڪري ٿي. ميلي جي هڪ ويهين ڏينهن جو اختتام جاپاني ڊرامي سيلري مين ميڪبيٿ سان ٿيو، جيڪو شاهي ادبي ڪلپنا ميڪبيٿ جي جديد جاپاني روپ تي ٻڌل هو.هن ناٽڪ ۾ هڪ سادي آفيس ملازم جي ڪهاڻي ڏيکارجي ٿي، جيڪو جادوگر مزدورن سان ملاقات کان پوءِ اداري اندر طاقت حاصل ڪرڻ جي لالچ ۾ کلندي کلندي الميي جو شڪار ٿي وڃي ٿو۔ ناٽڪ جو ليکڪ ٽيتسويا فچگامي ۽ هدايتڪار ڪائيو تامورا هئا، جڏهن ته جاپاني فنڪارن جي بهترين ڪارڪردگي تي ڏسندڙن خوب ساراهه ڪئي…آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي ميزباني هيٺ 39 ڏينهن جاري عالمي ثقافتي ميلو 2025 ۾ فن پارن تي ٻڌل بين الاقوامي آرٽ نمائش امن ۽ ٽڪرا (ڀاڱو 4) احمد پرويز فن گيلري ۾ لڳائي وئي، جنهن جو افتتاح ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضيٰ وهاب ڪيو. ان موقعي تي آرٽس ڪائونسل جا صدر محمد احمد شاهه پڻ ساڻس گڏ هئو.نمائش ۾ فرانس جي سفارتي عملي مان ثقافتي سهڪار واري شعبي جي ذميوار مارڪ پيٽن سميت فن مصوري سان لاڳاپيل ڪيترن ئي معزز شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.نمائش ۾ نائجيريا، برڪينا فاسو، يونان سميت مختلف ملڪن جي بين الاقوامي فنڪارن جا فن پارا رکيا ويا، جڏهن ته ملڪ جي نامور مصورن امين گل جي، اڪرم اسپال، بازل حبيب، حمزه قاضي، ايس ايم فواد، راحت علي، محمد مزمل، محمد اسد گلزار، حيدر علي نقوي، آصف احمد، عابدہ ڊاهري، مونا نقوش، زاهد مايو، غلام حسين ۽ اي ايس رند جا تيار ڪيل شاهڪار پڻ عوام جي توجه جو مرڪز بڻيل رهيا. ان موقعي تي ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضيٰ وهاب خطاب ڪندي چيو ته اسين اڄ سڄي دنيا کي ڏيکاري رهيا آهيون ته فن ۽ ثقافت ڪيئن ماڻهن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍي ٿو. ڪراچي محبتن وارو شهر آهي، ھن چيو ته هتي جي آبادي لڳ ڀڳ ٽي ڪروڙ آهي. احمد شاهه جي انهن ڪوششن تي شڪرگذار آهيون، جن سبب سڄي دنيا جا فنڪار هتي اچي رهيا آهن. عالمي ثقافتي ميلي جي ڪري ڪراچي هن وقت ثقافت جو وڏو مرڪز بڻيل آهي، جتي ملڪي ۽ بين الاقوامي فنڪارن جي صلاحيتن جو خوبصورت امتزاج نظر اچي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته فنون لطيفہ جا اهڙا پروگرام روزاني بنيادن تي ٿيڻ گهرجن. آرٽس ڪائونسل ۽ سڀني بين الاقوامي مهمانن جو شڪريو، جيڪي ڪراچي جي رونقن ۾ اضافو ڪري رهيا آهن. شهر جي گهٽين ۽ روڊن تي بيهوده لکيل اشتهارن جو دور ختم ٿي رهيو آهي، هاڻي ڪراچي جي ديوارن تي خوبصورت ديواري فن نظر ايندو. مون هتي جاپان، ڏکڻ آفريڪا ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن جي فنڪارن سان ملاقات ڪئي. اسان بين الاقوامي فنڪارن جي ڪم مان گهڻو ڪجهُ سکن پيا. هن ٻڌايو ته فيضي رحمان جو شاندار هال ڏهاڪن کان بند پيل هو، جنهن جي مرمت ۽ سينگار جو ڪم جاري آهي ۽ جلد ان جون رونقون بحال ڪيون وينديون. هي اهو ڪراچي آهي جيڪو ايندڙ مهمانن کي پيار ڏئي ٿو. ميئر چيو ته ڪراچي پاڻ هڪ ملڪ جي حيثيت رکي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو