ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)جماعت اسلامي ڪراچي جي امير ۽ ڪراچي جي ميئر لاءِ جماعت اسلامي جي اميدوار حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته 30 کان وڌيڪ چونڊيل ميمبر گم ٿي ويا آهن.ذريعن موجب اهڙن خيالن جو اظهار حافظ نعيم الرحمان آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ رٽرننگ آفيسر سان ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو.هن چيو ته اطلاع آهن ته انهن ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، اهڙي صورتحال ۾ ميئر جي چونڊ ڪيئن ٿيندي؟ حافظ نعيم الرحمان ريٽرننگ آفيسر کي اهو به چيو ته انهن ماڻهن کي هتي آڻڻ اوهان جي ذميواري آهي.










