اسلام آباد (بيو رپورٽ) نيشنل ايڪشن پلان هيٺ سڀني مڪتبه فڪر جي مدرسن کي وزارت تعليم جي ماتحت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، نصاب مان نفرت ۽ تشدد وارو مواد ختم ڪيو ويندو، مدرسن ۾ ديني تعليم سان گڏ سائنسي ۽ فني تعليم به ڏني ويندي ان لاءِ استاد حڪومت مقرر ڪندي، جيئن مدرسن مان فارغ ٿيندڙ شاگرد عزت ڀري روزگار سان لڳي سگهن. اها ڳالهه فوج جي تعلقات عامه واري شعبي جي سربراهه ميجر جنرل آصف غفور جي ايڇ ڪيو م بريفنگ ڏيندي چئي. هن ٻڌايو ته مدرسن کي تعيلم کاتي هيٺ آڻڻ لاءِ سڀ عالم متفق آهن ۽ حڪومت ابتدائي طور 2 ارب روپيا ڏيندي، جنهن بعد ساليانو هڪ ارب خرچ ايندو. پهرين کان طئي ڪيل پروگرام مطابق سڏايل ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ويو ته 1947 ۾ ملڪ ٺهڻ وقت پاڪستان ۾ 247 مدرسا هئا، 1980 ۾ وڌي 2861 مدرسا ٿيا جيڪي اڄ وڌي 30 هزار ٿي ويا آهن. فوجي ترجمان چيو ته 30 هزار مدرسن مان انتها ۽ شدت پسندي ڦهلائيندڙ مدرسن جو تعداد 100 جي لڳ ڀڳ آهي. هن ڀارت سان ڇڪتاڻ جو پسمنظرٻڌائيندي چيو ته ڀارت کي سوچڻ گهرجي ته هاڻي 1971 وارو زمانو ناهي، طاقت جي زور تي مسئلا حل نه ٿيندا، پاڪستان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهو ۽ پاڪستان جي مسئلن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ واري ارادي کي ڪمزوري نه سمجهو. هن ڀارت سان ڇڪتاڻ جو پسمنظر تفصيل سان ٻڌايو. هن چيو ته پشتون تحفظ موومينٽ وارن جا مطالبا جائز آهن ۽ حل ڪرڻ لاءِ به تيار آهيون پر هو فوج کي ٽارگٽ ڪري رهيا آهن،کين انڊيا ۽ افغانستان جي انٽيليجنس ادارن کان فنڊنگ ملي رهي آهي.
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، پرڏيهي آفيس
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو
اسرائيل جو ايران تي جوابي ميزائيل حملو
اسرائيلي حملي جو مناسب جواب ڏنو ويندو، ايران
پنجاب جي ضمني چونڊ، 10 ضلعن ۾ قلم 144 لاڳو
ورلڊ اوپن اسڪواش: پاڪستان جو حمزه خان مين ڊرا ۾ شامل
سلمان خان جي گهر ٻاهران سيڪيورٽي سخت
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
جان محمد جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم
پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب ميچ ڪينسل