ڪراچي ( رپورٽر ) گڏاپ جي لاسي ڳوٺ ڀرسان سنڌ سوسائٽي مان 3 مھينا اڳ دڪان کان شئ وٺڻ جي لاء گھران نڪري ويل معصوم 6 سالن جي نينگري سيماء ڌئ خادم حسين مغيري جي ڪا به خبرنه پئجي سگهي آھي, سھراب ڳوٺ ٿاڻي تي ايف اي آر باوجود به پوليس طرفان ڪابه پيشرفت نه ٿي آھي گھر ڀاتي پريشان امڙ 3 مھينن کان وٺي روئي روئي بيحال ايندڙ ويندڙ ماڻھن کان ڌئ بابت پڇاء ڪندي رھندي آھي سيماء اوھان ڪو ڏٺي آهي تفصيل موجب ڳڏاپ جي لاسي ڳوٺ ڀرسان سنڌ سوسائٽي مان 22جون2022 تي دڪان کان شئ وٺڻ جي لاء 6 سالن جي معصوم نياڻي سيماء ڌئ خادم حسين مغيري وئي ته وري واپس گھر نه موٽي ھر جڳھ تي ڳولا باوجودڪٿان به خبر نه پئجي سگھي آھي ۽نه وري اسانجي ڪنھن سان دشمني آھي اسين غريب مسڪين آھيون پورھيو ڪري پنھنجوگذر سفر ڪندا آھيون اسان سڀ گهر ڀاتي پريشان آھيون نينگري جي امڙ به پنھنجي لغت جگر جي وڇوڙي ۾ روئي روئي بيحال ٿي وئي آهي ھينئر ته ھن جو دماغ به ڪم نٿو ڪري سڄو ڏينھن ۽ سڄي رات گهر جي گيٽ تي پينگھو ٻڌي ان ۾ پاڪ ڪتاب وجھي لو ڏائيندي رھي ٿي ۽ ايندڙ ويندڙ ھر ماڻھون کان سيماء متعلق پڇاڪندي رھندي آهي ته مھنجي سيماء اوھان ڪو ڏٺي آھي گڏاپ جي صحافين سان ڳالھائندي سيماء جي پئ خادم حسين مغيري ٻڌايو ته اسانجي نه ته ڪنهن سان دشمني آھي نه وري ڪنھن تي شق آھي اسان غريب مسڪين پورھيت آھيون پورھيو ڪري پنھنجو گذر سفر ڪنداآھيون سھراب ڳوٺ ٿاڻي تي F.A.R داخل ڪرڻ باوجود پوليس پاران ڪوبه پيشرفت نه ٿي آھي ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پياآھيون ھردفعي پوليس اھوئي چئي موٽايو آھي ته اگر اوھانجو ڪنھن تي شق آھي ته اسان ان کي گرفتار ڪريون ھن چيو ته منهنجي گھر ڀرسان ڪافي ھنڌن تي سي سي ٽي وي ڪاميرا به لڳل آھن پر پوليس اتان به سي سي ٽي وي جافوٽيج نه وٺي سگھيو آھي ھن وزيراعلي سنڌ, آءجي سنڌ ۽ ٻين اعلي اختيارن کان مطالبوڪيو ته ننڊڙي جي ڳولا ۾ منھنجي مدد ڪئي وڃي










