3 سالن جي نينگري سان ڏاڍائي، رڙين تي جوابدار فرار

3 سالن جي نينگري سان ڏاڍائي، رڙين تي جوابدار فرار

مورو(مرائي اياز سولنگي) ٽن سالن جي معصوم نينگري سان جنسي ڏاڍائي، جوابدار فرار ميڊيڪل چيڪ اپ جي رپورٽ ۾ ڏاڍائي جي تصديق ماء کي بيهوشي جا دورا وارثن جو انصاف لاء احتجاج. مورو شھر جي گچيرو روڊ صابن چونڪ وٽ پورهيت اعجاز علي ڪورائي جي ٽن سالن جي معصوم ڌي فوزيه ڪورائي سان سندس گهر جي ڀر ۾ رهندڙ جوابدار جاويد ولد علم الدين ڪورائي نياڻي کي زبردستي کڻي جنسي ڏاڍائي ڪئي ۽ موقعي تان فرار ٿي ويو. معصوم نينگري جي رڙين تي سندس امڙ پهتي ته سندس نياڻي رتورت ٿيل هئي جيڪا پنهنجي معصوم ڌي کي کڻي دانهون ڪندي مورو ٿاڻي تي پهتي، پوليس سندس کي ساڻ ڪري ميڊيڪل چيڪ اپ لاء تعلقه اسپتال مورو آندو جتي ڊاڪٽرياڻي معصوم نياڻي جو ابتدائي ميڊيڪل چيڪ اپ ڪيو جنهن ۾ جنسي ڏاڍائي جي تصديق ٿي. ڊاڪٽرياڻي جو چوڻ هو ته معصوم نياڻي کي ظالم جوابدار ويهڪ واري جاء تي ريپ ڪيو آھي، جنهن جي ڪري سندس ويهڪ واري جاء چيرجي وئي آھي جتان رت وهي پيو. ٻئي طرف معصوم نينگري جي امڙ  وزيران ڪورائي, والد اعجاز ڪورائي درد ڀرين دانهن ۾ صحافين کي ٻڌايو ته اسان غريب پورهيت آھيون اسان جي معصوم نياڻي سان ظلم ڪيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته انسانيت کي لڄائيندڙ جوابدارکي گرفتار ڪري ڪيفرڪردار تائين پهچايو وڃي. ايس ايڇ او مورو محسن رضا جنڊاڻ جوابدار جي گرفتاري لاء مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي رهيو آھي پر اڃان تائين جوبدار هٿ نه اچي سگهيو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو