اسلام آباد (بيورو رپورٽ)26 هين آئيني ترميم خلاف درخواستن کي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 8 رڪني آئيني بينچ 7 آڪٽوبر تي صبح جو 11:30 وڳي درخواستن جي ٻڌڻي ڪندو.جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس حسن رضوي، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس نعيم افغان ۽ جسٽس شاهد بلال به بينچ ۾ شامل آهن.










