راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت راولپنڊي 26 نومبر جي احتجاج ڪيس ۾ عليما خان پاران گواهه پيش ڪرڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي. عليما خان سميت 10 جوابدارن خلاف 26 نومبر جي احتجاج تي داخل ڪيل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت اندر گڏيل طور تي 9 جوابدارن پنهنجا 342 تحت بيان جمع ڪرائي ڇڏيا.عليما خان عدالت کان استدعا ڪئي ته هوءَ پنهنجي دفاع ۾ 1 گواهه پڻ پيش ڪرڻ چاهي ٿي. عدالت عليما خان پاران گواهه پيش ڪرڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي، جنهن بعد سندس طرفان 342 جا بيان جمع ڪرائڻ جو مرحلو مڪمل ٿي ويندو.










