پولنگ کان اڳ ئي پوليس معرفت ڌانڌلي شروع آهي: غوث بخش

پولنگ کان اڳ ئي پوليس معرفت ڌانڌلي شروع آهي: غوث بخش

شڪارپور ( ن سنڌيار) شڪارپور ۾ 26 جون کان اول ئي پوليس معرفت ڌنڌليون شروع ڪيون ويون آھن, جي ڊي اي جي اميدوارن ۽ ووٽرن کي حراسان ڪيو وڃي, چڪ ٽائون ڪاميٽي تي پوليس پ پ جي اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ لاء ماڻھن کي ٿاڻي تي گهرائي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهاري داٻا ٿي ڏي, ڊي آر او به حڪومتي ڌر سان ٻڌل آھي پولنگ اسٽيشنن ۾ ھيرا ڦيري ڪئي آھي, 2018 کان پ پ مخالفت ۾ اليڪشن وڙھان ٿو, عوام مون سان گڏ آھي, اگر پولنگ اسٽيشن واپس نه ٿيون ۽ پوليس ڪاروايون بند نه ٿيون ته همدردن سان گڏجي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو, جي ڊي اي ايم اين اي غوث بخش خان مهر جي پريس ڪانفرنس: خبرموجب: ڊي اي ايم اين اي غوث بخش مهر چيو آھي ته شڪارپور ۾ 26 جون تي ٿيندڙ بلدياتي چونڊن کان اول ئي پوليس معرفت ڌانڌلي شروع ڪئي وئي آھي, پوليس جي مدد سان جي ڊي اي جي اميدوارن, همدردن ۽ ووٽرن کي حراسان ڪيو ٿو وڃي, خاص طور چڪ ۾ پوليس حڪومتي ڌر جي اميدوارن جي مدد خاطر ماڻھن کي ٿاڻي تي گهرائي پ پ ۽ سندس اتحادي جي يو آء جي اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ لاء داٻا ڏئي رهي آھي, اهڙن خيالن جو اظھار هن ڪالھ مهرهائوس وزيرآباد تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو, هن چيو ته لکي تعلقي ۾ تمام گهڻيون شرارتون ڪيو پيو وڃن ته جيئن جهيڙو ٿئي, اسان جي ماڻھن کي فون ڪال تي توڙي لوفرن معرفت ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن پر اسان نه ٿا چاهيون ته جهيڙو ٿئي, چڪ ٿاڻي جو ايس ايچ او حڪومتي ڌر جي تمام گهڻي وانگار وهي پيو, هن معمولي دڪانن جي تڪرار تي اسان جي همدردن مٿان دهشتگردي ايڪٽ جي ايف آء آر ڪاٽي ڇڏي آھي جڏھن ته چڪ, ڳاهيجا ۽ مدئجي ۾ پينافليڪس ڦاڙيا پيا وڃن, اهو سڀ ڪجھ جهيڙي ڪرڻ لاء ئي ڪيو پيو وڃي, هن چيو ته ايس ايس پي شڪارپور تنوير تنيو اسان سان ڪنهن به قسم جي رابطي ۾ نه ٿو اچي مان ايم اين اي آھيان ۽ منهنجو استحقاق آھي ته هو منهنجي فون کڻي پر هو فون نه پيو کڻي, هن چيو ته هڪ طرف پوليس جا داٻا آھن ته وري ٻئي طرف ڊي آر او پولنگ اسٽيشنون تبديل ڪري ڇڏيون آھن, چڪ لڳ عامل واري علائقي ۾ اهڙي هنڌ پولنگ رکي وئي آھي جنهن تي پهچڻ لاء ووٽرن 8 کان 10 ڪلوميٽر پنڌ ڪري اچڻو پوندو, ان کانسواء ڳڙھي ياسين تعلقي ۾ پڻ ائين ڪيو ويو آھي, اسان ڊي آر او سان ملياسين شڪايت ڪئي پر اڃان تائين ڪجھ به نه ٿيو, هن چيو اهي سڀ حربا ڌانڌليون آھن جيڪي حڪومتي ڌر جي اميدوارن کي کٽرائڻ لاء ڪيا پيا وڃن, هن چيو ته اگر سنڌ حڪومت کي پنهنجي اميدوارن کي کٽرائڻو ئي آھي ته پوء پاڻمرادو انهن جي ڪاميابي جو اعلان ڪري ڇڏي, هن چتاء ڏيندي چيو ته اگر پوليس ۽ پولنگ اسٽيشن بابت ڊي آر او ۽ اليڪشن ڪميشن اسان جا خدشا ۽ اعتراض ۽ شڪايتون ختم نه ڪيو ۽ ازالو نه ٿيو ته پوء اسان احتجاج ڪنداسين ۽ مان پاڻ پنهنجي همدردن ۽ حمايتن سان گڏ روڊ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهندس, ايم اين اي غوث بخش مهر چيو ته 2018 ۾ به هو اڪيلي سر ضلعي ۾ اليڪشن وڙھيو ۽ ھاڻي به اڪيلي سر ئي چونڊ وڙھي رهيو آھي, هن چيو ته هن وقت لکي تعلقي ۾ ضلعي جون سڀ سياسي ڌريون سندس خلاف بيٺل آھن سواء جتوئي ڀائرن ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي ۽ عابد حسين جتوئي جن جي جيڪي لکي تعلقي ۾ سندس خلاف نه آيا آھن, هن چيو ته جتوئي ڀائرن ۽ اسان جي اتحاد بابت وچ وارن ماڻھن جون ڳالهيون ٿيون هيون پر اهي اڳتي نه وڌي سگهيون, هن چيو ته منهنجي جتوئين مقبول احمد شيخ آغا تيمور پٺاڻ ۽ آغا سراج دراني سان خيرخواهي وارو رستو آھي باقي امتياز شيخ پاڻ ڦٽائي ويو, هن چيو ته شڪارپور ميونسپل تي پ پ اڳواڻ مقبول شيخ جي پٽ جي مدد ڪيان ٿو باقي اسان آغا تيمور سان گڏ آھيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو