26 جون تي اسان جي اميدوارن کي ڪامياب بڻايو: فراز شيخ

26 جون تي اسان جي اميدوارن کي ڪامياب بڻايو: فراز شيخ

شڪارپور (ن سنڌيار) شڪارپور ۾ چونڊ سرگرميون جاري، وارڊ 20 ۾ تقريب منعقد، فراز امتياز شيخ جي شرڪت، 26 جون تي تير تي ٺپو ھڻي اسان جي اميدوارن کي ڪامياب بڻايو/ فراز شيخ خبر موجب: شڪارپور ۾ بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان چونڊ سرگرميون جاري آهن ، ان سلسلي شڪارپور ميونسپل ڪاميٽي جي وارڊ 22 ۾ اقبال شيخ پاران وارڊ 22 جي پي پي پي پي اميدوار ممتاز ڀٽو کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ڪارنر گڏجاڻي جو اھتمام ڪيو ويو، جنھن ۾ پي پي پي اڳواڻ فراز امتياز شيخ ۽ صوبائي وزير امتياز شيخ جي پي ايس زبير ميمڻ خصوصي طور شرڪت ڪئي، ان موقعي تي آيل مھمانن کي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا، ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي پي پي پي اڳواڻ فراز امتياز شيخ چيو ته اسان عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪيا آھن، شڪارپور ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آھن، ھن چيو ته وارڊ 22 تي پي پي پي پاران نامزد ڪيل اميدوار ممتاز علي ڀٽو ھڪ بھترين انسان آھي 26 جون تي تير تي ٺپو هڻي پي پي پي پي اميدوار ممتاز ڀٽو کي ڪامياب بڻايو، ان موقعي تي ذوھير خان ڊريھو، حاجي سميع الله شيخ، نصرت شھزاد مغل، آغا ساجد، فرخ خليل، نعيم حسيني ۽ ٻيا موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو