26 سالن کانپوءِ هيل رمضان المبارڪ سياري ۾ ٿيندو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سڄي دنيا جا مسلمان مارچ ۾ رمضان المبارڪ جي آجيان ڪندا ۽ هن سال رمضان 26 سالن کانپوءِ سياري ۾ اچي رهيو آهي.فلڪي حساب سان سعودي عرب ۾ پهريون روزو 11 مارچ تي ٿيندو، جڏهن ته ملڪ ۾ سيارو 22 ڊسمبر کان شروع ٿيو ۽ 20 مارچ تائين رهندو.ماهرن جو چوڻ آهي ته 2024 کان رمضان المبارڪ سياري ۾ ايندو رهندو پر شروعاتي ٻن سالن تائين رمضان جو آخري حصو بهار جي مند ۾ هوندو.ان کانپوءِ 2031 تائين رمضان المبارڪ سياري ۾ ٿيندو ۽ پوءِ 8 سالن تائين مطلب 2039 تائين سرءُ جي مند ۾ ايندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو