26هين آئيني ترميم نه ٿئي ها ته يحيٰ آفريدي چيف جسٽس نه بڻجي ها

26هين آئيني ترميم نه ٿئي ها ته يحيٰ آفريدي چيف جسٽس نه بڻجي ها

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ 26هين آئيني ترميم بابت ڪيس جي ٻڌڻي ۾ جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جيڪڏهن 26هين آئيني ترميم نه ٿئي ها ته يحيٰ آفريدي چيف جسٽس نه بڻجي سگهي ها.سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ 8 رڪني آئيني بينچ 26هين آئيني ترميم جي خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران جسٽس عائشه ملڪ چيو ته اوهان چاهيو ٿا ته معاملو آئيني ترميم بابت آهي انهي لاءِ فل ڪورٽ ٺاهيو وڃي، انهي تي وڪيل عابد زبيري چيو ته فل ڪورٽ جي ذريعي معاملي تي سمورن ججز جو اجتماعي وزڊم اچي ويندو. انهي موقعي تي جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته اوهان ٻڌايو 17 ججز جو ئي فل ڪورٽ ڇو؟ 24 ججز جو ڇو نه؟ٻڌڻي جي دوران جسٽس مندوخيل چيو ته اوهان ڇو چاهيو ٿا ته 26هين آئيني ترميم کان اڳ ججز تي ٻڌل فل ڪورٽ بڻجي. ؟ جسٽس عائشه ملڪ سوال ڪيو ته اوهان جي درخواست ڪهڙي آهي؟ انهي تي وڪيل عابد زبيري چيو ته 26هين آئيني ترميم کان اڳ موجود ججز کي ڪيس ٻڌڻ گهرجي.انهي موقعي تي جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اسان جيڪڏهن بينيفيشري آهيون(26هين ترميم جا) ته ڇا اسان بينچ ۾ ويهي سگهون ٿا؟ 26هين آئيني ترميم نه هجي ها ته يحيٰ آفريدي چيف جسٽس نه بڻجي ها، ڇو ته وقت مقرر هو. چيف جسٽس کي الله زندگي ڏئي، سينئر پيوني کي چيف جسٽس ٿيڻو هو پر اهو نه بڻجي سگهيو.جسٽس مندوخيل چيو ته 26هين آئيني ترميم کان اڳ وارن ججز کي فل ڪورٽ جي لاءِ ڪجهه ججز کي ڪڍڻو پوندو، جوڊيشل ڪميشن چئي ڇڏي ته سپريم ڪورٽ جا سمورا ججز آئيني بينچ جا ججز آهن ته قبول هوندو؟ انهي تي وڪيل عابد زبيري چيو ته جي اسان کي قبول هوندو. جنهن کان پوءِ عدالت 26هين آئيني ترميم جي خلاف درخواستن تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو