26هين آئيني ترميم بلاول ڀٽو زرداري جو دور انديش قدم قرار

26هين آئيني ترميم بلاول ڀٽو زرداري جو دور انديش قدم قرار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ 26هين آئيني ترميم کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو دور انديش قدم قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته ارڙهين ترميم جيان 26هين آئيني ترميم پاڪستاني سياسي منظر نامي ۾ هڪ انقلابي قدم آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي دور انديشي ساراهه جوڳي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 26هين آئيني ترميم پ پ چيئرمين جي محنت ۽ ڪوششن سان ئي ممڪن ٿي، بلاول ڀٽو زرداري ملڪ کي هڪ روشن ۽ وڌيڪ برابري جي مستقبل طرف رهنمائي ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته پ پ چيئرمين جو قدم وڌيڪ برابري ۽ متحد پاڪستان کي هٿي ڏيندو، 26هين آئيني ترميم سان وفاق وڌيڪ مضبوط ۽ متحد ٿيندو، صوبن کي برابري جي نمائندگي ملندي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 26هين آئيني ترميم هڪ وڌيڪ گڏيل ۽ منصفاڻي معاشري جي تعمير ۾ مدد ڪندي جنهن سان سڄي قوم فائدو حاصل ڪندي، جمهوريت وڌيڪ مضبوط ٿيندي ۽ سمورين شهرين جي حقن جي ضمانت ڏني ويندي. هن چيو ته آئيني ترميم جو مقصد سمورن صوبن لاءِ بهتر نمائندگي کي يقيني بڻائڻ، جمهوريت ۽ انصاف جي نظام کي مضبوط ڪرڻ آهي، پ پ چيئرمين ملڪ کي هڪ روشن ۽ وڌيڪ برابري جي مستقبل طرف وٺي ويو آهي، جتي جمهوري ادارن خاص طور پارليامينٽ کي مضبوط ڪيو ويندو. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته انصاف جي نظام ۾ برابري جي نمائندگي بابت پراڻو مسئلو حل ٿي ويندو، جمهوريت وڌيڪ مضبوط ٿيندي

پهنجو تبصرو موڪليو