25  ميمبرن ڊي سيٽ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري

25 ميمبرن ڊي سيٽ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد(بيورو)اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف جي 25 منحرف ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته عورتن ۽ اقليتن جي مخصوص سيٽن تي چونڊيل منحرف ميمبرن کي به ڊي سيٽ ڪيو ويو آهي.بيان موجب پنجاب اسيمبلي جي 20 جنرل سيٽن تي چونڊيل ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪيو ويو جڏهن ته 3 ۽ 2 اقليتي سيٽون عورتن لاءِ مخصوص ڪيون ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو