24 ڪلاڪن ۾ ڪيترا ڏوهه ٿيا،وڏي وزير کي پوليس جي رپورٽ پيش

24 ڪلاڪن ۾ ڪيترا ڏوهه ٿيا،وڏي وزير کي پوليس جي رپورٽ پيش

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڏوهن جي روڪٿام لاءِ کنيل قدمن بابت ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد اوڍو رپورٽ پيش ڪئي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته شهر ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ اسٽريٽ ڪرائم جا 137 واقعا رپورٽ ٿيا آهن جن ۾ 45 موبائل/نقدي ڦر، هڪ ڪار ڦر ۽ 11 چوري جڏهن ته ٽي موٽرسائيڪل چوريون ۽ 77 چوريون شامل آهن. سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ ٽي مقابلا ٿيا جنهن ۾ هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته 7 اسٽريٽ ڪرمنلز/چورن کي واقعي واري هنڌان گرفتار ڪيا ويا. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ٽوٽل 105 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو جن ۾ 14 اسٽريٽ ڪرمنل/ ڦورو، 11 ڪار لفٽرز، 2 قاتل، 18 ماڻهو غير قانوني هٿيار رکندڙ، 18 منشيات وڪرو ڪندڙ جڏهن ته ٻين ڏوهن ۾ ملوث 42 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته پوليس مختلف ڇاپن/ڪاررواين دوران 14 غير قانوني هٿيار، 4 ڪلو چرس، 443 گرام آئس/هيروئن، 16 چوري ٿيل موبائيل فون ۽ 17 موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو