24 ڪلاڪن ۾ ڏوهن جي روڪٿام لاءِ کنيل قدمن جي رپورٽ پيش

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڏوهن جي روڪٿام لاءِ کنيل قدمن بابت ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد اوڍو رپورٽ پيش ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته شهر ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسٽريٽ ڪرائم جا 114 واقعا ٿيا جن ۾ 36 موبائيل/نقدي ڦر، 8 موٽرسائيڪلون سميت چوري جا 70 واقعا شامل آهن. سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ 3 مقابلا ٿيا جن ۾ 5 ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا جڏهن ته 9 اسٽريٽ ڪرمنلز/چور واقعي واري هنڌان سوگها ٿيا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مجموعي طور 150 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو جن ۾ 21 اسٽريٽ ڪرمنلز/ ڦورو، 27 ڪارلفٽرز، 2 قاتل، 15 غير قانوني هٿيار رکندڙ، 18 منشيات وڪرو ڪندڙ جڏهن ته ٻين ڏوهن ۾ ملوث 67 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته پوليس مختلف ڇاپن/آپريشن دوران 15 غير قانوني هٿيار، 5 ڪلو چرس، 5 چوري ٿيل موبائيل فون ۽ 35 چوري ٿيل گاڏيون هٿ ڪيون جن ۾ 3 ڪارون ۽ 32 موٽرسائيڪلون شامل آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو