بڪيراشريف (ن س): يونين ڪائونسل داد جروار جي ڳوٺ مٺو ڀيل ۾ 22 ورهين جي نوجوان مبينا طور گهرو اڻبڻت تان آپگهات ڪري ڇڏيو. ڳوٺاڻن موجب نوجوان الهڏنو ڀيل جو پنهنجي ڀاءُ سان معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو، جنهن کانپوءِ نوجوان مبينا طور گهر اندر ڇت ۾ رسو وجهي ڦاهو کائي زندگي جو انت آندو.واقعي جي اطلاع ملڻ بعد پوليس پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب ابتدائي جاچ دوران واقعو آپگهات جو لڳي رهيو آهي، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.










