اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته پيرس ۾ وزيراعظم جي آءِ ايم ايف جي سربراهه سان لڳاتار ٽن ملاقاتن بعد حڪومت عالمي اداري جا سڀ شرط مڃيندي نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ ڦير ڦارڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. قومي اسمبلي ۾ خطاب ڪندي ڇنڇر تي هن چيو ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان اسٽاف ليول جو معاهدو نه ٿيو ته مري وينداسين. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته 215 ارب روپين جا وڌيڪ ٽيڪس لڳايا ويندا ۽ ٽيڪس وصولي جو نئون ٽارگيٽ 9200 ارب مان وڌائي 9415 ارب روپيا ڪيو ويو آهي. جڏهن ته حڪومت پنهنجي خرن ۾ 85 ارب روپيا گهٽتائي ڪندي. هن 215 ارب جي اضافي ٽيڪسز جو تفصيل ناهي ٻڌايو پر ذريعن جو چوڻ آهي ته فرٽيلائيزر تي ٽيڪس وڌندي، پگهاردار طبقي تي ٻوجهه پوندو ۽ پراپرٽي جي خريد ۽ وڪري تي اضافي ٽيڪس لڳندي. هاڻي حڪومت جي خرچن جو ڪاٿو 14 هزار 480 ارب رپيا هوندو.ان سان بجيٽ خساري ۾ 300 ارب جي گهتتائي ايندي. هن چيو ته پينشن جو تخمينو 761 ارب رپين مان وڌي 801 ارب رپيا ٿيندو، ايندڙ مالي سال ۾ سبسڊي جو ڪاٿو 1064 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. پرڏيهي فنانسنگ ۾ گهٽتائي سبب 215 ارب جا نوان ٽيڪس لڳايا ويا. هن چيو ته موجوده خرچن ۾ 85 ارب رپيا گهٽتائي آڻينداسين، اها ڪٽ پي ايس ڊي پي ۾ نه ايندو ۽ نه ئي پگهارن يا پينشن تي لاڳو ٿيندي. هن چيو ته ٽي ٽي پينشن وارو آپشن ختم ڪيو ويندو، خساري ۾ هلندڙ ملڪ ۾ ٽي ٽي پينشن وٺڻ زيادتي آهي. ياد رهي ته رٽائرڊ فوجي جڏهن ٽن يا پنج سالن لاءِ ڪنهن سول اداري ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندا آهن ته اهي انهن ادارن کان ڌار ڌار پينشن وٺندا آهن. هاڻي رڳو هنن ک هڪ پينشن ملندي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان آءِ ايم ايف جا سمورا شرط پورا ڪيا آهن ۽ آءِ ايم ايف جي سمورن نقطن تي عمل ڪيو آهي. آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول جو معاهدو ٿيو آهي، بسم الله، جيڪڏهن نه ٿئي ها ته رهجي وينداسين. اسحاق ڊار چيو ته هلندڙ مالي سال ۾ سرڪاري خرچن ۾ 15 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي، وفاقي پينشن جي خرچن ۾ سڌارن جي اشد ضرورت آهي، وفاقي ملازمن لاءِ ڪنٽريبيوٽري اسڪيم تي عمل ڪرڻو پوندو، ايندڙ مالي سال لاءِ پينشن فنڊ قائم ڪيو ويندو ۽ رولز تي ڪم هلي رهيو آهي. سال پورو ٿي چڪو آهي، پينشن فنڊ جي ضابطن ۽ طريقيڪار تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي. هن چيو ته ڪيترائي هاءِ پروفائيل ملازم هڪ کان وڌيڪ ادارن مان پينشن وصول ڪري رهيا آهن. ڪجهه ماڻهو ٽن ٽن ادارن مان پينشن وٺي رهيا آهن جنهن جو ملڪ برداشت نٿو ڪري سگهي. هاڻي گريڊ 17 ۽ ان کان مٿي جو رٽائرڊ آفيسر صرف هڪ اداري مان پينشن وٺي سگهندو.هن چيو ته هو قوم کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته مالي مشڪلاتن جا ڪيترائي سبب آهن، گذريل حڪومت جي پاليسين جا معيشت تي خراب اثر پيا. الله جو شڪر آهي ته پاڪستان جي عوام اهڙن گروهن کان آگاهه ٿي چڪي آهي، جيڪڏهن عوام موقعو ڏنو ته هو نامڪمل معاشي ايجنڊا کي پورو ڪندا ۽ جلد 24هين وڏي معيشت جو درجو حاصل ڪندا ۽ پاڪستان کي جي 20 ۾ به جلد شامل ڪندا.










