21 سالن جي پراڻي  قتل ڪيس ۾جوابدار بري، فيصلي ۾ دير تي معذرت

21 سالن جي پراڻي قتل ڪيس ۾جوابدار بري، فيصلي ۾ دير تي معذرت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ 21 سال پراڻي قتل ڪيس جي جوابدار کي بري ڪندي اپيل جي فيصلي ۾ 6 سالن جي دير تي معذرت ڪري ورتي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ پنج رڪني شريت اپي ليٽ بينچ ٻن ماڻهن جي قتل ۽ زيادتي جي الزام ۾ گهربل جوابدار جي اپيل جو لکت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته سپريم ڪورٽ 12 سيپٽمبر 2018ع تي اپيل منظور ڪئي، اپيل جو فيصلو ڪرڻ ۾6 سال جي دير تي معذرت چاهيون ٿا، انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ ججز کي به پنهنجي فرضن جي ڄاڻ هجڻ گهرجي، بدقسمتي سان سپريم ڪورٽ جو شريت بينچ ڊگهي عرصي تائين بند رهيو، فيصلي ۾چيو ويو ته سپريم ڪورٽ جي شريت بينچ جي غير فعال رهڻ جي آئين ۾ڪائي گنجائش ناهي، سپريم ڪورٽ جوابدار عمران کي ثبوت نه ملڻ تي بري ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو