اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) 8 فيبروري تي رٿيل عام چونڊن ۾ 28 هزار جي لڳ ڀڳ اميدوارن نامزدگي فارم جمع ڪرايا جن مان 17 هزار 816 اميدوارن کي اهل قرار ڏنو ويو آهي جيڪي چونڊ وڙهندا. اميدوارن م 16 هزار 930 مرد، 882 عورت اميداور ۽ 4 کدڙا فقير شامل آهن. انهن مان 6031 اميدوار مختلف سياسي جماعتن نامزد ڪيا آهن . جن ۾ 5756 مرد ۽ 275 عورتون شامل آهن. جڏهن ته 11785 آزاد اميدوار چونڊن ۾ حصووٺي رهيا آهن جن ۾ 11174 مرد، 607 عورتون ۽ 4 کدڙا فقير آزاد اميدوار آهن. قومي اسمبلي جي 266 جنرل سيٽن لاءِ ڪل 5112 اميدوار چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن جن مان 4807 مرد، 312 عورتون ۽ 2 کدڙا فقير شامل آهن. پي ٽي آءِ کانسواءِ سڀني سياسي جماعتن جي ڪل اميدوارن جو تعداد 1873 آهي، جن ۾ 1780 مرد ۽ 93 عورتون شامل آهن. جڏهن ته 3248 آزاد اميدوار قومي اسمبلي جي 266 حلقن مان چونڊ وڙهن پيا. جن ۾ 3027 مرد، 219 عورتون ۽ 2 کدڙا فقير شامل آهن. چئني صوبائي اسمبلين جي جنرل سيٽن لاءِ 12695 اميدوار چونڊ وڙهي رهيا آهن. جن ۾12123 مرد، 570 عورتون ۽ 2 کدڙا فقير ڪي پي مان حصو وٺن پيا. پنجاب اسمبلي لاءِ 6710 اميدوار، سنڌ اسمبلي لاءِ 3878، ڪي پي ڪي لاءِ 1834 ۽ بلوچستان اسمبلي لاءِ 1273 اميدوار ميدان ۾ آهن. صوبائي اسمبلين لاءِ آزاد اميدوارن جو تعداد سياسي جماعتن جي اميدوارن جي تعداد کان ٻيڻ تي يعني 8537 آهي. آزاد اميدوارن مان 4838 اميدوار پنجاب اسمبلي، 1929 سنڌ اسمبلي، 1033 ڪي پي ڪي اسمبلي ۽ 739 آزاد اميدوار بلوچستان اسمبلي جي چونڊ وڙهن پيا. ياد رهي ته 8 فيبروري جي چونڊ ۾ 12 ڪروڙ 85 لک 85 هزار 704 ووٽر اهل قرار ڏنا ويا آهن.











