اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جي 2022ع ۾ گرفتاري کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.جسٽس محسن اختر ڪياني ڪميشن جي رپورٽ کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.عدالت اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۽ پنجاب جي گهرو کاتي جي سيڪريٽري کي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.










