لاهور (بيورو رپورٽ) پاڪستان ريلوي ۽ ان جي مسافرن جي وڏي تعداد لاءِ سال 2019 نهايت مشڪل ترين ۽ خراب گذريو. سڄي سال ۾ وڏي تعداد ۾ حادثا پيش آيا جنهن ۾ آڪٽومبر ۾ تيزگام ٽرين ۾ باهه لڳڻ جو واقعو به شامل آهي. ان واقعن کان انتظاميه جي غلط پلاننگ ۽ غلط فيصلا ۽ نااهلي ظاهر ٿئي ٿي. رپورٽ مطابق سرڪاري ذرائع ريلوي جي آپريشنل امور کي تشويشناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته 2019 ۾ ٿيندڙ واقعن کي سامهون رکيو وڃي ته ريلوي جي بدترين نظام جو اندازو ٿي ويندو جنهن ۾ ڪيترائي مسافر ۽ ريلوي جا ملازم فوت، زخمي يا معذور ٿي چڪا آهن. جڏهن ته اهڙن خوفناڪ واقعن ۽ حادثن پيش اچڻ باوجود به پاڪستان ريلوي جي انتظاميه پنهنجي بهتر ڪارڪردگي جي دعويٰ ڪندي رهي. جيتوڻيڪ ريلوي جي ان حادثن ۽ ٽرين جي پٽرين تان لهندڙ واقعن جي ڪل تعداد جي حوالي سان سرڪاري رپورٽ جاري ناهي ڪئي وئي پر ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته انهن جو تعداد 100 کان وڌيڪ آهي. ان کان علاوهه هڪ ٻئي سرڪاري ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته 2019 ۾ 100 کان وڌيڪ ٽرين حادثا ٿيا جڏهن ته سال جي پهرين 5 مهينن ۾ رستي ۾ انجڻ خراب ٿيڻ جا 111 واقعا پيش آيا. جيڪي ننڍا وڏا حادثا پيش آيا انهن ۾ پهرين اپريل تي مال گاڏي جون 8 گاڏيون رحيم يار خان ڀرسان پٽري تان لٿيون. 18 مئي تي پڊعيدن اسٽيشن ويجهو مال گاڏيون جون پٽڙيون لهڻ، 21 مئي تي ٿل ايڪسپريس جون بوگيون پٽڙي تان لٿيون، 30 مئي تي جعفر ايڪسپريس جون گوجر خان ۾ پٽريون لٿيون، 18 جون تي ساهيوال ويجهو جناح ايڪسپريس جي ڊائٽنگ ڪار ۾ باهه لڳي. 20 جون تي حيدرآباد ويجهو جناح ايڪسپريس حادثو، 11 جولاءِ تي خانيوال ويجهو پاڪستان ايڪسپريس جون بوگيون الڳ ٿيون. 12 جولاءِ تي اڪبر ايڪسپريس ۽ مال گاڏي وچ ۾ ٽڪر ٿيو، 23 جولاءِ تي زڪريا ايڪسپريس ۽ مال گاڏي جون ڪوٽڙي ۽ روهڙي اسٽيشن ويجهو پٽڙيون لٿيون. 30 آڪٽومبر تي تيز گام ٽرين ۾ باهه جو واقعو پيش آيو. 10 ڊسمبر تي سرگوڌا ايڪسپريس جو ڊمپر ٽرڪ سان ٽڪر ٿيو ۽ 17 ڊسمبر تي جناح ايڪسپريس جو لاهور ريلوي اسٽيشن ويجهو پٽڙي تان لهڻ شامل آهي. ذريعن مطابق تيزگام سانحي ۾ ئي صرف 73 مسافر فوت ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا اهڙي طرح اڪبر ايڪپسريس واقعي ۾ 21 ماڻهو فوت ۽ 85 زخمي ٿيا هئا. ان کان علاوهه حيدرآباد ۾ جناح ايڪسپريس سان واقعو پيش آيو جنهن ۾ ڊرائيور سميت 3 فوت ۽ ڪيترائي مسافر زخمي ٿيا هئا. جڏهن ته سرگوڌا ايڪسپريس جو ڊرائيور ٽرين جو ڊمپر ٽرڪ سان ٽڪر کانپوءِ فوت ٿي ويو ان کان علاوهه به ڪيترن ئي حادثن ۾ کوڙ سارا مسافر فوت ۽ زخمي ٿيا هئا. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پنهنجي ترجيحن تي نظرثاني ڪرڻ باوجود وزير ريلوي شيخ رشيد احمد پاڪستان ريلوي جي مسافر ٽرينن جي آپريشن کي گلي سڙي، پراڻين برانچ لائينن تي هلائڻ جي مخالفت ڪندڙ آفيسر ان جي نه ٻڌي جڏهن ته نئين ڪوچ ۽ ويگنن جي خريداري ۾ دير ۽ خراب سگنلز انٽر لاڪنگ نظام کي ٺيڪ به نه ڪيو ويو. انتظاميه جو چوڻ هو ته شيخ رشيد زميني حقيقتن کي نظرانداز ڪندي پنهنجي نيوز ڪانفرنس ۾ نيون ٽرينون هلائڻ ۽ روينيو وڌائڻ جهڙيون دعوائون ڪنديو رهيو ۽ پريس ڪانفرنس ۾ ملڪ جي سياست تي وڌيڪ توجهه ڏيندو رهيو. جڏهن ته پاڪستان ريلويز جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر (سي اي او) اعجاز بريرو گذريل سال خراب گذرڻ واري تاثر کي رد ڪندي دعويٰ ڪئي ته انتظاميه 2019 ۾ مسافرن ۽ مال بردار گاڏين جي آپريشن کي وڌائڻ، روينيو ۽ مسافرن جي واڌ سبب گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو آهي. هن دعويٰ ڪئي ته تيزگام حادثي سميت ڪجهه معمولي حادثا کان علاوهه پاڪستان ريلوي جو آپريشن پورو سال معمول مطابق رهيو ٽرين جو پٽڙي تان لهڻ معمول جي ڳالهه آهي. هن دعويٰ ڪندي چيو آهي ته پنهنجي آپريشن ۾ اضافو ڪندي اسان 2019 ۾ 58 ارب رپين جو روينيو هدف عبور ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته نيب انڪوائرين جي خوف کان آفيسر ڪم نه ڪري رهيا هئا جنهن ڪري نوان گاڏا ۽ ويگن حاصل ڪرڻ ۾ دير ٿي جيڪو معاملو هن وقت به تاخير جو شڪار آهي. هن چيو ته اسان زياده تر پراڻن ڪوچن جي مرمت ڪئي ۽ انهن کي نين ٽرينن هلائڻ ۾ استعمال ڪيو.










