پي ٽي آءِ جي حڪومت جائز هئي ته هي به جائز آهي، وزيراعظم

پي ٽي آءِ جي حڪومت جائز هئي ته هي به جائز آهي، وزيراعظم

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو ته سوئٽزرلينڊ ۾ پاڪستان جي ميزباني ۾ ايران آمريڪا معاهدو ٿيو آهي، اڄ ايران آمريڪا جي وچ ۾ جنگبندي ٿي چڪي آهي.هن چيو ته ايندڙ 60 ڏينهن ۾ ايم او يو موجب ٽيڪنيڪي ڳالهيون ٿينديون. 60 ڏينهن کان پوءِ آمريڪا ايران هڪ مستقل عالمي امن معاهدي تائين پهچندا. ڪالهوڪا دنيا جا سمورا اخبار پاڪستان جي ڪامياب سفارتڪاري جي تعريف ڪري رهيا آهن وزيراعظم چيو ته اڄ ايران جو صدر پاڪستان جي دوري تي اچي رهيو آهي. اڄ انهي سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ڳالهيون ٿينديون. اڄوڪو ڏينهن اختلافي معاملا اٿارڻ جو ڏينهن نه هو، اپوزيشن اڳواڻن جيڪي ڳالهيون ڪيون اهي حقيقتن جي خلاف آهن ته هي غيرقانوني حڪومت آهي.هن چيو ته 2018 جي چونڊ جي جاچ ڪرائي وٺو، کير جو کير، پاڻي جو پاڻي ٿي ويندو، انهي ۾ جيڪڏهن جادوگري ناهي ٿي ۽ باڪس ناهن ڀريا ويا، جيڪڏهن اها جائز حڪومت آهي ته هي به جائز حڪومت آهي.شهباز شريف چيو ته ٻڌايو وڃي ته سال 2018 ۾ ڇا ماڻهن کي پٽا ٻڌي حڪومت نه ٺاهي وئي، جيڪڏهن سال 2018 جي حڪومت جائز آهي ته هي به جائز آهي. گذريل چونڊون ۽ 2018 جي چونڊن جي جاچ ڪرائي وٺو جيڪڏهن اهي ڳالهيون نڪتيون ته تمام پري تائين وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو