2018 کان گم ٿيل شهري جو پاسپورٽ ضبط ڪرڻ جو حڪم

2018 کان گم ٿيل شهري جو پاسپورٽ ضبط ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ 2018 کان گم ٿيل شهري جو پاسپورٽ تحويل ۾ وٺڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي. جنهن ۾ درخواست ڏيندڙ موقف اختيار ڪيو آهي ته شاهه فيصل ڪالوني جي رهواسي کي گم ٿيڻ کان پوءِ ڪا به خبر ناهي ته هو ڪٿي آهي ۽ پوليس گمشدگي بابت ايف آءِ آر به درج نه ڪري رهي آهي. جنهن تي پوليس عملدارن يقين ڏياريو ته جيڪڏهن درخواست ڏيندڙ پوليس اسٽيشن آيو ته ايف آءِ آر درج ڪئي ويندي. عدالت هدايت ڪئي ته درخواست گذار ايف آءِ آر لاءِ پوليس اسٽيشن سان رابطو ڪري، ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي پيش رفت رپورٽ پڻ طلب ڪئي. گم ٿيل شهري جي ڪيس ۾ جاچ آفيسر انڪشاف ڪيو ته ڪيترائي ماڻهو ملڪ ڇڏي ويندا آهن ۽ انهن جا مائٽ درخواستون داخل ڪندا آهن.عدالت حڪم ڏنو ته گم ٿيل شهري جي سفري تاريخ معلوم ڪئي وڃي ۽ پاسپورٽ به ضبط ڪيو وڃي.عدالت ٻن گم ٿيل شهرين جي بازيابي بابت درخواستن تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 4 هفتن اندر جواب طلب ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو