ٽنڊو مستي(نادر علي اڄڻ ) سنڌ هند جي مشهور درگاهه هفت زبان شاعر سچل سرمست درازا شريف جي ننگري اندر ٻه سال پهريان منظور ٿيل بنيادي صحت مرڪز يونٽ جنهن جي او پي ڊي 200 مريضن تائين هوندي آهي جتي ڪو تجربيڪار ايم بي بي ايس ڊاڪٽر هجڻ گهرجي پر ان جي جاء تي ڊي ايڇ او خيرپور رشوت عيوض صرف هڪ پرائيويٽ ماڻهو کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو ڊسپينسر جو به ڪورس ٿيل نه آهي تنهن کي انساني جانين سان کيڏڻ جي کلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي. ڊي ايڇ اوخيرپور جي اهڙي ڪڌي عمل خلاف علائقي جي سياسي سماجي اڳواڻن پاران بار بار ضلعي انتظاميه آڏو شڪايتون ڪرڻ ۽ آواز اٿارڻ باوجود صحت کاتي جي صوبائي وزير يا سيڪريٽري سنڌ توڙي ضلعي انتظاميه جي ڪن تي جونءِ به نه چري آھي جيڪو صحت کاتي جي نااهلي جو چٽو ثبوت آهي. علائقي واسين، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران صحت کاتي جي اعليٰ عملدارن جي بيڌياني سبب ڳڻتي جو اظهار ڪندي پي پي ايڇ آءِ ڊائريڪٽر ڊي سي خيرپور، صحت جي سيڪريٽري، صوبائي وزير صحت ۽ وس وارن کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته بنيادي صحت مرڪز ۾ ڊاڪٽر مقرر ڪري مريضن جون زندگيون بچايون وڃن.










