ترتيب :اعجاز مهر
آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ تڪرار ڏهاڪن کانپوءِ پنهنجي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي، جڏهن صدر ڊونلڊ ٽرمپ آچر ڏينهن سڌي حملي جو حڪم ڏنو، جنهن بابت هن چيو ته ان حملي سان وچ اوڀر ۾ موجود ايران جي 3 اهم نيوڪليئر سهولتن کي “تباهه” ڪيو ويو آهي.
ايران، 1979ع ۾ آيت الله روح الله خميني جي اڳواڻيءَ ۾ آندل اسلامي انقلاب کان وٺي، آمريڪا جو علائقي ۾ سڀ کان وڏو مخالف رهيو آهي، جنهن انقلاب دوران pro-Western محمد رضا شاهه پهلوي جي حڪومت کي ختم ڪيو ويو هو. ان وقت کان وٺي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪيترن ئي معاملن تي ڇڪتاڻ رهي آهي، جن ۾ ايران جو نيوڪليئر پروگرام، علائقي ۾ ايران جي حمايت يافته ڌرين جي مدد، ۽ آمريڪا جي سياسي مداخلت شامل آهي.
1953آمريڪا جي مدد سان بغاوت ۽ شاهه جي ٻيهر بحالي:
شروعاتي ڇڪتاڻ تڏهن پيدا ٿي جڏهن ايران جي چونڊيل وزيراعظم محمد مصدق، اينگلو-ايراني آئل ڪمپني (هاڻي برٽش پيٽروليم يعني بي پي) کي قومي ملڪيت بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. برطانيا، جيڪو 1900ع جي شروعات کان ايران جي تيل جي وسيلن تي اجاراداري قائم رکندو آيو هو، مصدق جي قدمن تي ناراض ٿي پيو. آمريڪي خفيه اداري (CIA) برطانيا جي مدد سان بغاوت ڪرائي ۽ اڳ معزول ڪيل بادشاهه محمد رضا پهلوي کي ٻيهر شاهه طور بحال ڪيو.
1957 ايٽمز فار پيس:
شاهه جي ايران کي نيوڪليئر طاقت بڻائڻ واري خواهش کي آمريڪا ۽ ٻين مغربي ملڪن جي حمايت حاصل ٿي. ٻنهي ملڪن نيوڪليئر توانائي جي پرامن استعمال لاءِ هڪ معاهدو ڪيو، جيڪو صدر ڊوائيٽ ڊي. آئيزن هاور جي “Atoms for Peace” پروگرام جو حصو هو. هڪ ڏهاڪو پوءِ، آمريڪا ايران کي نيوڪليئر ريئڪٽر ۽ يورينيم فراهم ڪيو. اهو ساڳيو سهڪار موجوده نيوڪليئر مسئلي جو بنياد بڻيو.
1979 جو اسلامي انقلاب:
جڏهن آمريڪا ۽ ايران جا لاڳاپا مضبوط ٿي رهيا هئا، ته ايرانين شاهه جي آمراڻا حڪمراني ۽ مغربي مداخلت خلاف آواز اٿارڻ شروع ڪيو. 1978ع جي آخر ۾ احتجاج شروع ٿيا، ۽ جنوري 1979ع ۾ شاهه ملڪ ڇڏي ويو. جلاوطنيءَ مان واپس آيل اسلامي عالم آيت الله روح الله خميني نئين اسلامي جمهوريه جي قيادت سنڀالي.
1980 سفارتي لاڳاپا ختم:
شاهه کي ڪينسر جي علاج لاءِ آمريڪا اچڻ جي اجازت ملڻ کان پوءِ، ايرانين آمريڪي سفارتخاني تي قبضو ڪيو ۽ 52 آمريڪين کي 444 ڏينهن تائين يرغمال بڻايو. آمريڪا ايران سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪري، پابنديون لاڳو ڪيون. شاهه جلاوطنيءَ ۾ فوت ٿي ويو.
1980–88آمريڪا عراق جي حملي جي حمايت ڪئي:
صدام حسين جي قيادت هيٺ عراق، ايران تي حملو ڪيو ته جيئن خميني جي نظريي کي روڪي سگهي. آمريڪا عراق جو ساٿ ڏنو، جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي وئي. اها جنگ 1988ع تائين جاري رهي، جنهن ۾ لکين ماڻهو مارجي ويا. عراق ايران تي ڪيميڪل هٿيار به استعمال ڪيا.
1984 دهشتگردي جو حامي ملڪ قرار:
صدر رونالڊ ريگن ايران کي “دهشتگردي جي حمايت ڪندڙ ملڪ” قرار ڏنو، خاص طور تي لبنان ۾ ٿيندڙ حملي کان پوءِ، جتي اسرائيل جي حملي کان پوءِ آمريڪي فوج به موجود هئي. بيروت ۾ هڪ حملي ۾ 241 آمريڪي فوجي مارجي ويا. آمريڪا ان جو ذميوار حزب الله کي قرار ڏنو، جيڪا ايران جي حمايت يافته ويڙهاڪ تنظيم هئي. بعد ۾، ريگن ايران سان ڳجهين ڳالهين ذريعي آمريڪي يرغمالين جي آزادي لاءِ ڪم ڪيو، جنهن کي “ايران-ڪونٽرا اسڪينڊل” چيو ويو.
1988ايران ايئر جي اڏام تي آمريڪي حملو:
جنگي تڪرار دوران، 8 جولاءِ تي آمريڪي بحري ٻيڙو ايران جي علائقي ۾ داخل ٿيو ۽ ايران ايئر جي مسافر جهاز (IR655) تي فائرنگ ڪري ڇڏي، جنهن ۾ سڀ 290 مسافر مارجي ويا. آمريڪا دعويٰ ڪئي ته اها هڪ غلطي هئي. هن ڪڏهن رسمي معافي نه گهري، پر مسافرن جي وارثن کي 61.8 ملين ڊالر ڏنا.
1995 وڌيڪ پابنديون:
1995–96ع ۾ صدر بِل ڪلنٽن پاران جاري ڪيل حڪمن تحت آمريڪي ڪمپنين تي ايران سان واپار ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي. ڪانگريس اهڙو قانون پاس ڪيو، جيڪو ايران جي توانائي شعبي يا هٿيارن جي وڪري ۾ سيڙپ ڪندڙ پرڏيهي ادارن تي به پابنديون لاڳو ڪندو. ان جو سبب ايران جي نيوڪليئر ترقي ۽ حزب الله، حماس ۽ اسلامي جهاد جي حمايت کي ڄاڻايو ويو.
2002 9/11 کان پوءِ:
9/11 جي حملي کان پوءِ، صدر جارج ڊبليو بش ايران کي “شر جي محور” (Axis of Evil) ۾ شامل ڪيو. ان وقت تائين ايران آمريڪا سان طالبان ۽ القاعده خلاف ڳجهو تعاون ڪري رهيو هو، پر ان بيان بعد اهو تعاون ختم ٿي ويو. 2022ع جي آخر تائين، مبصرن ايران ۾ اعليٰ سطح جو يورينيم موجود هجڻ جو ذڪر ڪيو، جنهن سبب ايران تي وڌيڪ پابنديون لڳيون.
2013 آمريڪا ۽ ايران نيوڪليئر ڊيل:
2013ع کان 2015ع تائين صدر براڪ اوباما ايران سان اعليٰ سطح تي ڳالهيون شروع ڪيون. 2015ع ۾ “جوائنٽ ڪامپريهينسيو پلان آف ايڪشن (JCPOA)” تحت ايران تي نيوڪليئر حد بنديون لاڳو ٿيون، ۽ پابنديون نرم ڪيون ويون. چين، روس، فرانس، جرمني، برطانيا ۽ يورپي يونين به معاهدي جا حصيدار هئا.
2018 ٽرمپ معاهدي مان نڪري ويو:
صدر ٽرمپ، 2018ع ۾ هڪطرفي طور معاهدي مان نڪري ويو ۽ ايران تي سخت پابنديون بحال ڪيون. ايران به پنهنجون پابنديون ختم ڪري، نيوڪليئر سرگرميون ٻيهر شروع ڪيون.
2020 آءِ آر جي سي اڳواڻ جو قتل:
صدر ٽرمپ جي دور ۾ آمريڪا، بغداد ۾ ايران جي قدس فورس جي سربراهه جنرل قاسم سليماني کي ڊرون حملي ۾ شهيد ڪيو. ان کان اڳ، ٽرمپ انتظاميه قدس فورس کي “دهشتگرد تنظيم” قرار ڏنو هو. جواب ۾ ايران، عراق ۾ آمريڪي اثاثن تي حملا ڪيا.
2025 ايران کي خط:
مارچ 2025ع ۾ ٽرمپ، ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي کي خط لکيو، جنهن ۾ 60 ڏينهن اندر نيوڪليئر ڊيل تي نئين سر ڳالهين جي تجويز ڏني. خامنه اي ان تجويز کي رد ڪندي چيو ته آمريڪا ڳالهين لاءِ سنجيده ناهي، پر پنهنجا مطالبا مڙهڻ چاهي ٿو. عمان ۽ اٽلي ۾ غيررسمي ڳالهين جي شروعات ٿي. ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته هو معاهدي جي ويجهو آهي. ايران به اميد ظاهر ڪئي، پر يورينيم جي افزودگي جي حق تي زور ڏنو. اسرائيل، ڳالهين جي ڇهين مرحلي کان اڳ 13 جون تي ايران ۾ حملا شروع ڪري ڏنا ڪيا.
2025 آمريڪي حملا:
آمريڪا، ايران جي ٽن اهم نيوڪليئر سهولتن تي بمباري ڪئي، سبب طور حفاظتي خدشا ۽ اسرائيل جي دفاع جو حوالو ڏنو ويو.










