اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي جي بريت واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب 29 آڪٽوبر تي ٻڌڻي ڪندا.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بريت جي درخواستن جي آخري ٻڌڻي 2 آڪٽوبر تي ٿي هئي.عدالت ٽرائل ڪورٽ کي ريفرنس تي حتمي فيصلو ٻڌائڻ کان روڪي ڇڏيو.










