اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اين سي اي 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب قومي احتساب بيورو (نيب) راولپنڊي جي سفارش تي عمران خان جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا سرڪيولر سمري ذريعي عمران خان جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته نيب گهرو وزارت کي لکت ۾ بشرا بي بي جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ لاءِ لکندو.










