راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي اڄ جي ٻڌڻي جج جي عدم حاضري سبب ملتوي ڪئي وئي.جج محمد بشير اڄ راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي خلاف 19 ڪروڙ پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪرڻي هئي.جج جي عدم حاضري سبب ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي، جڏهن ته ايندڙ ٻڌڻي 20 فيبروري تي ٿيندي.ياد رهي ته گذريل ٻڌڻي جج جي غير حاضري سبب ٿي نه سگهي هئي.










