ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت 19هين سنڌ گيمز کي 16 کان 19 اپريل تائين سکر ۾ منعقد ڪرائڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي۔ هي فيصلو صوبائي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري وزير سردار محمد بخش مهر جي صدارت هيٺ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ٿيل اهم اجلاس ۾ ڪيو ويو، جتي 19هين سنڌ گيمز کي 16 کان 19 اپريل تائين سکر ۾ ڪرائڻ جي منظوري ڏني وئي۔ اجلاس ۾ راندين واري سيڪريٽري منور علي مهيسر، ڊائريڪٽر اسد اسحاق، چيف انجنيئر اسلم مهر، سيڪشن آفيسر علي ڏنو گوپانگ ۽ سنڌ اولمپڪ ايسوسيئيشن جا عهديدار احمد علي راجپوت ۽ اصغر بلوچ شرڪت ڪئي۔ اجلاس دوران سکر ۾ سنڌ گيمز جي انعقاد ۽ ٿر جيپ ريلي جي انتظامن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي۔ راندين واري سيڪريٽري منور علي مهيسر ٻڌايو ته 19هين سنڌ گيمز ۾ 40 کان وڌيڪ رانديون شامل هونديون، جن ۾ صوبي ڀر مان ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا رانديگر حصو وٺندا۔ صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر چيو ته عيد کان فوراً پوءِ ڊويزنل سطح تي سنڌ گيمز جا ٽرائلز 24 کان 29 مارچ تائين منعقد ڪيا ويندا، جڏهن ته ٽرائلز مڪمل ٿيڻ کان پوءِ چونڊيل رانديگرن لاءِ 11 کان 15 اپريل تائين تربيتِي ڪيمپ لڳايو ويندو۔ هن ٻڌايو ته سنڌ گيمز جي افتتاحي تقريب 16 اپريل ۽ اختتامي تقريب 19 اپريل تي ٿيندي۔ صوبائي وزير هدايت ڪئي ته سڀئي مقابلا شفافيت ۽ ميرٽ جي بنياد تي ڪرايا وڃن ته جيئن صوبي جي نوجوانن کي اڳتي وڌڻ جا برابر موقعا ملي سگهن۔ هن عزم ظاهر ڪيو ته سنڌ حڪومت نيشنل گيمز جيان 19هين سنڌ گيمز کي به ڪامياب بڻائيندي۔










