17 فيبروري کان سکر ۾ پنڪ بس سروس شروع ڪري رهيا آهيون:وزير

17 فيبروري کان سکر ۾ پنڪ بس سروس شروع ڪري رهيا آهيون:وزير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته 17 فيبروري کان سکر ۽ حيدرآباد ۾ به پيپلز بس سروس شروع ڪري رهيا آهيون، جيڪا دنيا جي بهترين سروس آهي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته عوام کي رليف ڏيڻ پ پ جي ترجيح آهي، وڏو وزير عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي.هن چيو ته پارٽي چيئرمين جي خاص هدايت آهي ته عوام کي رليف ڏنو وڃي، جڏهن ته وڏو وزير رليف جي منصوبن کي پاڻ مانيٽر ڪري رهيو آهي.سندس چوڻ هو ته 17 فيبروري کان سکر ۾ پنڪ بس سروس شروع ڪري رهيا آهيون، 18 فيبروري تي حيدرآباد ۾ بس سرور شروع ڪري رهيا آهيون، پيپلز بس سروس دنيا جي بهترين سروس آهي.شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته اي بسن جي نئين کيپ ڪراچي پهچي چڪي آهي، جيڪا چارجنگ سان هلندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو