اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ايف بي آر جا 16 سينئر آفيسر ٻٽي شهريت يا مستقل پرڏيهه ۾ رهائش سبب ريڊار تي اچي ويا آهن.ايف بي آر جي 16 سينئر آفيسرن وٽ ٻٽي شهريت يا پرڏيهي ملڪن ۾ مستقل رهائش جو انڪشاف ٿيو آهي. دستاويز موجب متاثر آفيسرن ۾ ان لينڊ ريونيو سروس جا 10 جڏهن ته پاڪستان ڪسٽمز سروس جا 6 آفيسر شامل آهن.ان لينڊ روينيو سروس جي گريڊ 21 جو هڪ، گريڊ 20 جا 6 ۽ گريڊ 19 جا 2 آفيسر شامل آهن، جڏهن ته پاڪستان ڪسٽمز جي گريڊ 20 جي 2، گريڊ 19 جا 3 ۽ گريڊ 17 جو هڪ آفيسر شامل آهي. سمورن آفيسرن وٽ ٻٽي شهريت يا پرڏيهي ملڪ ۾ مستقل رهائش آهي جنهن تي ايف بي آر وڌيڪ جانچ جو فيصلو ڪيو آهي.ايف بي آر وڌيڪ آفيسرن جي پرڏيهي شهريت بابت ڄاڻ به طلب ڪري ورتي آهي. سول سرونٽس جي پرڏيهي شهريت بابت نون قاعدن جي تحت آفيسرن کان ڄاڻ گهري وئي آهي.ايف بي آر سمورن آفيسرن کي مقرر فارم تي پرڏيهي شهريت يا مستقل رهائش بابت ڄاڻ 90 ڏينهن جي اندر جمع ڪرائڻ جي پڻ هدايت ڪري ڇڏي آهي.










