راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پوري اميد آهي ته پاڪستان سنگين حالتن مان نڪري ايندو، 15 ڏينهن ۾ بهتر فيصلا ڪيا ويندا.راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته عمران خان 20 يا 21 نومبر تي راولپنڊي پهچندو، عدليه جو فرض آهي ته اليڪشن جو رستو صاف ڪري عوام کي افراتفري مان ڪڍي.شيخ رشيد چيو ته هڪ مقرري تي جوش پيدا ڪيو ويو آهي، ملڪ ۾ بحران سنگين ٿيندو پيو وڃي، هاڻي سموري ذميواري عدليه جي ڪلهن تي اچي وئي آهي.هن چيو ته مون کان ڪنهن به نه پڇيو ته ڪهڙي اهم مقرري ٿيڻي آهي.اڳوڻي گهرو وزير چيو ته هو جيڪو ڪجهه ڪڍن ٿا اهو عمران خان جي حق ۾ آهي.شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته عمران خان سي پيڪ جي معاملي تي ڪو به فيصلو ناهي ڪيو، سمورن ملڪن سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا.










