ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته طوفان سبب هنگامي قدم هر صورت يقيني بڻايا پيا وڃن ان ڏس ۾ لاڳاپيل عملدارن سان مستقل رابطي ۾ آهيان ۽ انهن کان لاڳيتو صورتحال تي بريفنگ به ورتي پئي وڃي سمنڊ ۽ سامونڊي پٽي تي روزگار سان لاڳاپيل ماڻهو بيروزگار ٿي چڪا آهن سندن گهرن جا چلها اجهامي چڪا آهن ان لاءِ متاثرن کي هڪ مهيني جو راشن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي 15 هزار کان وڌيڪ متاثرن کي راشد بيگ ڏنا ويندا جڏهن ته گورنر هائوس مان به سموري صورتحال کي مانيٽر ڪيو پيو وڃي اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو گورنر چيو ته طوفان سبب امڪاني حالتن جي پيشبندي ڪري رهيا آهيون سامونڊي پٽي جي متااثرن لاءِ 10 هزار راشن بيگ ورهائڻ لاءِ قدم تيزي سان کنيا پيا وڃن گورنر هائوس مان متاثرن کي هڪ مهيني جو راشن ڏنو ويندو جڏهن ته 5 هزار متاثر جن جو روزگار ختم ٿي ويو کين کاڌو به فراهم ڪنداسين هن چيو ته جيڪڏهن سامونڊي پٽي جو هڪ به گهراڻو راشن کان محروم رهيو ته اهو گورنر هائوس سان رابطو ڪري وٺي سگهي ٿو ان لاءِ ان کي پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکارڻو پوندو سڃاڻپ ڪارڊ تي سامونڊي پٽي جي ايڊريس هوندي ۽ ان ايڊريس کي ڏسي راشن ڏنو ويندو هن چيو ته هن وقت طوفان ڪراچي کان 470 ۽ ٺٽي کان 450 ڪلوميٽر پري آهي جڏهن ته هن طوفان کان هڪ بيروزگاري جو طوفان به اچي چڪو آهي ساموندي پٽي تي رهندڙ ماڻهو هن وقت روزگار نه هجڻ سبب سخت پريشان آهن سندن گهرن جا چلها اجهامي چڪا آهن سامونڊي پٽي تي آباد ماڻهو پنهنجي روزگار لاءِ مڇي، گانگٽ ۽ ٻي ساموندي خوراڪ حاصل ڪري وڪرو ڪن ٿا اهڙي طرح سامونڊي پٽي تي ٻيا ماڻهو مختلف ڪاروبار سان لاڳاپيل آهن 4 ڏينهن اڳ سمنڊ ڪنارو، هاڪس بي، مبارڪ وليج ۽ ٻين هنڌن کي بند جڏهن ته مهاڻن کي به سمنڊ ۾ وڃڻ کان روڪيو ويو آهي. جنهن سبب هي ماڻهو سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن هن وڌيڪ چيو ته گذريل رات گورنر هائوس ٻاهران لڳل گهٽني وڄائڻ لاءِ گهوڙي سواري ڪندڙ آيا هئا انهن جي منهن مان صاف نظر اچي رهيو هو ته شايد انهن ماڻهن ماني نه کاڌي هجي منهنجي پڇڻ تي انهن چيو ته اسان جا روزگار ختم ٿي ويا آهن ۽ هن وقت اسان جي گهرن ۾ لائڻ لاءِ ڪجهه نه آهي اهي لفظ ٻڌندي مان فيصلو ڪيو ته انهن متاثرن جي بنا دير مدد ڪرڻي پوندي ان کان پوءِ مان طاقتور پاڪستان پروگرام جي لاڳاپيل عملدارن سان رابطو ڪيو هن چيو ته مان سنڌ جي گورنر جي حيثيت سان هن مشڪل گهڙِ ۾ متاثرن سان گڏ بيٺو آهيان اهڙن علائقن ۾ به پاڻ ويندس جتان جو زميني رستو نه آهي اتان جي ماڻهن کي به راشن فراهم ڪنداسين ان ڏس ۾ ٺٽو، بدين ۽ ٻين علائقن جو به دورو ڪندس ڇو ته هي مشڪل وقت آهي اسان کي پنهنجن ڀائرن جو ڀرپور ساٿ ڏيڻو پوندو هن چيو ته اسان جي قوم هر مشڪل وقت ۾ وڌ ۾ وڌ نه رڳو ساٿ ڏنو پر عملي طور تي حصو به ورتو آهي ۽ اچ به پوري قوم پنهنجي ڀائرن سان گڏ بيٺي آهي گورنر چيو ته گورنر هائوس جي هيلپ لائن 1366 هن مشڪل صورتحال ۾ 24 ڪلاڪ ڪم ڪندي رهندي ڏينهن رات ڊيوٽِ لاءِ آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو آهي هاڻي ڪوبه شخص جڏهن رابطو ڪندو ته اسان جي ٽيم ان کي هر وقت تيار ملندي ان ڏس ۾ گورنر هائوس جي ايمبولنس کي به الرٽ ڪيو ويو آهي.










