قومي ۽ صوبائي اسمبلين جا نتيجا مڪمل، پارٽي پوزيشن واضح

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) قومي اسمبلي جي ڪل 266 جنرل سيٽن مان 8 فيبروري تي 265 تڪن تي چونڊ ٿي. اين اي 8 باجوڙ ۾ اميدوار جي وفات سبب چونڊ ملتوي ڪئي وئي آهي. 11 فيبروري تائين اليڪشن ڪميشن 264 تڪن جا نتيجا جاري ڪيا آهن ۽ هڪ تڪ اين اي 88 جا نتيجا روڪيا ويا آهن.  264 تڪن جي اعلان ڪيل نتيجن مان 101 سيٽن تي آزاد، جن مان پي ٽي آءِ جا حمايت يافته 93 آهن. 75 مسلم ليگ (ن)، 54 پاڪستان پيپلز پارٽي، 17 ايم ڪيو ايم پاڪستان، مسلم ليگ (ق) 3 ۽ جميعت علما اسلام (ف) 4 سيٽون، تحريڪ استحڪام پاڪستان 2 سيٽون، مجلس وحدت المسلمين، مسلم ليگ ضيا ۽ نيشنل پارٽي کي هڪ هڪ سيٽ ملي آهي. جن تڪن جا نتيجا روڪيا ويا آهن انهن ۾ اين اي 88 خوشاب 2 جو نتيجو ڪجهه پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر پولنگ جي حڪم سبب روڪيو ويو آهي.

Screengrab ECP

سنڌ اسمبلي

سنڌ اسيمبلي جي سمورن 130 سيٽن مان 129 جا نتيجا سامهون اچي ويا آهن، جنهن موجب پيپلز پارٽي 84 سيٽن سان حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي آهي، سنڌ اسمبلي جي 28 تڪن تي ايم ڪيو ايم، 13 آزاد، جي ڊي اي ۽ جماعت اسلامي کي ٻه ٻه سيٽون مليون آهن. سنڌ اسمبلي جي پي ايس 18 گهوٽڪي ون يعني اوٻاوڙو واري تڪ جي ٻن پولنگ اسٽيشنز تي بيلٽ باڪس ڦرجڻ بعد ٻيهر پولنگ سبب نتيجو روڪيو ويو آهي.

پنجاب اسمبلي

پنجاب اسمبلي جي 297 جنرل سيٽن مان هڪ تڪ پي پي 266 تي اميدوارجي وفات سبب چونڊ ملتوي ڪئي وئي آهي. 10 فيبروري شام سوا ستين وڳي تائين اعلانيل نتيجن ۾ 296 تڪ شامل آهن. اعلانيل نتيجن موجب آزاد اميدوارن 138، مسلم ليگ (ن) 137، پيپلز پارٽي 10، مسلم ليگ (ق) 8، سيٽون جڏهن ته مسلم ليگ ضيا، تحريڪ لبيڪ پاڪستان ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي کي هڪ هڪ سيٽ ملي آهي.

بلوچستان اسمبلي

بلوچستان اسمبلي جي ڪل 51 جنرل سيٽن مان مڪمل نتيجو اچي ويو آهي.اعلانيل 51 سيٽن جي نتيجن موجب پيپلز پارٽي 11 سيٽون کٽي سنگل لارجيسٽ پارٽي بڻيل آهي. مسلم ليگ (ن) 10 ۽ جي يو آءِ (ف) 11 سيٽون حاصل ڪيون آهن. 6 سيٽن تي آزاد، 4 باپ پارٽي، 3 نيشنل پارٽي، اي اين پي 2 ، بي اين پي، بي اين پي عوامي، حق دو تحريڪ بلوچستان ۽ جماعت اسلامي کي هڪ هڪ سيٽ ملي آهي.

ڪي پي ڪي اسمبلي

خيبر پختونخواه جي 115 جنرل سيٽن مان 112 جو نتيجو پڌرو ڪيو ويو آهي. پي ڪي 22 باجوڙ، پي ڪي 91 ڪوهاٽ تي اميدوارن جي وفات سبب چونڊ ملتوي ڪئي وئي آهي. جڏهن ته پي ڪي 90 ڪوهاٽ ون جو نتيجو روڪيو ويو آهي ۽ ڪجهه پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر پولنگ ٿيندي. 112 تڪن جي اعلانيل نتيجن مان 90 آزاد اميدوار ڪامياب ٿي چڪا آهن جڏهن ته جميعت علماءِ اسلام 7، ن ليگ 5 ، پيپلز پارٽي 4 سيٽون، ٽحريڪ انصاف پارليامينٽرينز(پرويز خٽڪ) ، عوامي نيشنل پارٽي هڪ ۽ جماعت اسلامي 3 سيٽون حاصل ڪيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو