14 سالن جي نينگري گم چوٿين ڏينهن به پتو نه پيو

ڪنب (رپورٽ صفدرچانڊيو) شھر جي ٻڍڻ خان تمراڻي محلي مان 14 ورهين جي نينگري حنا منگي ڌيءَ نياز علي منگي چئن ڏينهن کان پراسرارنموني گم ٿي وئي آھي جڏھن ته نينگري جي وارثن پاران ڳولها جاري آھي. هن مهل تائين گم ٿيل نينگري جو ڪوبه ڏس پتو نه  پئجي سگهيو آھي ان سلسلي ۾ سندس پيء نياز منگي ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان ڪابه دشمني ناهي جڏھن ته ٽي ڏينهن اڳ ڪنب ٿاڻي تي اطلاع ڏنو آھي پر اڃا سندس ڪو پتو ناهي پيو. هن چيو ته ايڌي کي به اطلاع ڪيو آهي، گهر ڀاتي پريشان آھيون. هن ايس ايس پي خيرپور سميت اعلي اختيارن کان گهر ڪئي آھي ته نياڻي جي ڳولها ۾ مدد ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو