لاهور (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي 121 ڪيسن ۾ ڪارروائي روڪڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو.لاهور هاءِ ڪورٽ عمران خان جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت ۾ عمران خان جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته عمران خان جي عمر 71 سال آهي ۽ مٿس ڪرمنل ڪيس به ٺاهيا ويا آهن، 71 سالن جي عمر ۾ ڏوهن جا ڪيس تمام گهٽ آهن.جسٽس انوار الحق پنو عمران خان جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جو موکل غير معمولي آهي.عمران خان جي وڪيل چيو ته ها، هو بلڪل فٽ آهي، ان تي طنز ڪيو وڃي ٿو.










