اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي اسپيشل سيڪريٽري ظفر اقبال هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن 12 آگسٽ تي مدو پورو ٿيڻ تي اسيمبلي ٽوڙي وئي ته چونڊون 11 آڪٽوبر کان اڳ ڪرايون وينديون. ظفراقبال وڌيڪ چيو ته اسان کي سيڪيورٽي اهلڪار ملندا.پراڻن تڪن تي چونڊون ٿينديون.اليڪشن لاءِ واٽر مارڪ پيپر ورتو ويو آهي، سمورا ادارا رابطي ۾ آهن.ڊي آر او ۽ آر او لاءِ عدليه کي درخواست ڪنداسين،اليڪشن لاءِ مڪمل تيار آهيون،مواد تيار ڪيو ويو آهي،،رجسٽرار آر اوز لاءِ هاءِ ڪورٽن ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.اليڪشن ڪميشن جي اسپيشل سيڪريٽري ظفر اقبال چيو ته اليڪشن ڪميشن انتظامي آفيسرن، پنهنجا آفيسر ۽ عدالتي آفيسر استعمال ڪري سگهي ٿي.نئين چونڊ سڌارن موجب چونڊون ڪرايون وينديون. ان کان علاوه سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن عمر حميد تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ جي پرڏيهي فنڊنگ جو معاملو عدالت ۾ آهي.سياست ۾ ڪارو پيسو نظام کي نقصان پهچائي رهيو آهي. هڪ سال ۾ علاج نه ٿو ڪري سگهجي ٽيڪس قانونن کي بهتر بڻائڻو پوندو.










