1100 ارب جي ڪرپشن ڪيسن کي معافي ۽ استثنيٰ ڏني پئي وڃي: عمران خان

1100 ارب جي ڪرپشن ڪيسن کي معافي ۽ استثنيٰ ڏني پئي وڃي: عمران خان

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته 1100 ارب رپين جي ڪرپشن ڪيسن کي معافي ۽ استثنيٰ ڏني پئي وڃي.هن اها ڳالهه سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چئي.هنن جو چوڻ آهي ته اين آر او ون ملڪ کي تمام گهڻو نقصان پهتو، جنهن سبب هنن 2 چور خاندانن جي ڦرلٽ سبب ملڪ جو قرض 10 سالن ۾ 4 ڀيرا وڌي ويو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين اڳوڻي وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو آهي ته اين آر او 2 اڃا به شرم جوڳو آهي.هن اهو به چيو آهي ته اين آر او 2 ذريعي 1100 ارب رپين جي ڪرپشن ڪيسن کي معافي ۽ استثنيٰ ڏني پئي وڃي. اهو روزانو قوم جي کيسن جي چوري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو