107 سالن جي آمريڪي عورت جي ڪورونا کي شڪست

107 سالن جي آمريڪي عورت جي ڪورونا کي شڪست

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي رياست نيوجرسي جي رهائشين107 سالن جي بزرگ عورت ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي گهر پهچي وئي آهي. هن گهر پهچڻ شرط پنهنجي پوٽيءَ سان گڏ خوشي ۾ دانس ڪئي ۽ سندس اها ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. اينا ڊيل پريور نالي عورت جو چوڻ آهي ته هوءَ جڏهن 6 سالن جي هئي ته ان وقت اسپينش فلو ۾ به مبتلا ٿي هئي پر ان مان به صحتياب ٿي وئي هوئي. ياد رهي ته 1918 ۾ ڪورونا وائرس جيان دنيا ۾ اسپينش فلو جي وبا ڦهلي هئي جنهن ۾ دنيا ڀر ۾ 50 ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا هئا ۽ 5 ڪروڙ ماڻهو مري ويا هئا. رڳو آمريڪا ۾ پوڻا 8 لک ماڻهو مري ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو