27 سيپٽمبر مارچ، پي ٽي آءِ جا سرگرم ڪارڪن نظربند

27 سيپٽمبر مارچ، پي ٽي آءِ جا سرگرم ڪارڪن نظربند

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي 27 سيپٽمبر جي مارچ کي نظر ۾ رکندي تحريڪ انصاف جي 100 کان وڌيڪ سرگرم ڪارڪنن کي نظربند ڪيو ويو آهي.پوليس ذريعن موجب پي ٽي آءِ ڪارڪن 30 ڏينهن جي لاءِ اڊياله جيل ۾ نظربند آهن. ڪارڪنن جي نظربندي جا حڪم ڊسٽرڪٽ انٽيليجنس ڪميٽي جي سفارش تي جاري ڪيا ويا، نظربندي جا حڪم 3 ايم پي او جي تحت جاري ڪيا ويا.پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته راولپنڊي ڊويزن مان گڏيل طور تي 106 پي ٽي آءِ ڪارڪن نظربند ڪيا ويا جنهن مان راولپنڊي مان 31، اٽڪ مان 35، چڪوال مان 23، جهلم مان 13 ۽ واهه ڪينٽ مان 4 پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي نظر بند ڪيو ويو آهي.ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف 27 سيپٽمبر تي اسلام آباد طرف مارچ جو اعلان ڪيو آهي، انهي حوالي سان گذريل ڏينهن ڪي پي ڪي جي اطلاعات واري وزير شفيع جان چيو هو ته اسان پرامن طريقي سان خيبرپختونخواهه کان اسلام آباد طرف وڌنداسين، ٻين شهرن جا ماڻهو اسلام آباد نه ايندا، اهي پنهنجن علائقن ۾ شهر بند ڪرائيندا.هن چيو ته خيبرپختونخواهه سان گڏ جيڪي شهر اچن ٿا اتان جا ماڻهو اسلام آباد ايندا. شفيع جان جو چوڻ هو ته اسان انهي نظام کي ڪيرائڻ جي لاءِ اچي رهيا آهيون ۽ پوري طاقت سان اسلام آباد طرف مارچ ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو