100 انسپيڪٽر ڊي ايس پي پروموٽ، نوٽيفڪيشن جاري

100 انسپيڪٽر ڊي ايس پي پروموٽ، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي(دريا خان شر) سنڌ حڪومت 100 پوليس انسپيڪيٽرن کي ڊپارٽمينٽل سليڪشن ڪميٽي جي سفارش تي گريڊ 16 مان 17 هين ۾ ڊپٽي سپرنٽندنٽ پوليس يعني ڊي ايس پي جي عهدن تي ترقي ڏئي ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ هوم ڊپارٽمينٽ وٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. هوم سيڪريٽري قاضي ڪبير جي منظوري بعد سيڪشن آفيسر فتح علي راهمون جي صحيح سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

پروموشن حاصل ڪندڙن ۾ حافظ عبدالقادر چاچڙ ۽ الطاف حسين ڏيرو، نثار احمد وسان، غلام رسول راڄپر، نذير احمد مهر ۽ ٻيا شامل آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو