10 سالن جي آڊٽ بابت هلندڙ خبرون گمراهه ڪندڙ قرار

10 سالن جي آڊٽ بابت هلندڙ خبرون گمراهه ڪندڙ قرار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ 10 سالن کان آڊٽ نه ٿيڻ جي رپورٽن کي بي بنياد ۽ گمراهه ڪندڙ قرار ڏئي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ جي آڊٽ بابت رجسٽرار پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي کي طلب ڪرڻ واري معاملي تي ترجمان سپريم ڪورٽ پاران وضاحتي بيان جاري ڪيو ويو آهي.سپريم ڪورٽ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جو آڊٽ جون 2021 تائين مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ 2021 کان 2022 تائين جي آڊٽ جو عمل جاري آهي.سپريم ڪورٽ جي آڊٽ جي حوالي سان آڊيٽر جنرل آف پاڪستان کان تصديق ڪرائي سگهجي ٿي.سپريم ڪورٽ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي کي ڏنل ڄاڻ درست ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو