ڪراچي: مختلف علائقن ۾ مبينا مقابلن ۾ 10 شڪي گرفتار

ڪراچي: مختلف علائقن ۾ مبينا مقابلن ۾ 10 شڪي گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ مبينا پوليس مقابلن ۾ 10 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو.ڪراچي جي خواجه اجمير نگري واري علائقي ۾ مبينا مقابلي ۾ زخمين سميت ٻن شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو.پوليس موجب گرفتار ٿيل شڪي ماڻهن رضوان ۽ شعيب کان 30 بور پستول ۽ چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي.قيوم آباد ويجهو مبينا مقابلي ۾ ٻن شڪي ماڻهن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ فرار ٿي ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته شڪي ماڻهن کان 30 بور پستول ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي، ۽ زخمي شڪي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ڪراچي جي شرافي ڳوٺ ۾ مبينا مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، ۽ ملزم نور سلطان کان هٿيار ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون.پوليس جو چوڻ آهي ته شڪي کي نارٿ ڪراچي سيڪٽر 11 سي 3 ۾ مبينا مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جنهن مان هٿيار هٿ ڪيا ويا جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويو.شاهراهه نور جهان ۽ نيو ڪراچي سيڪٽر 11I تي مبينا پوليس مقابلي دوران فائرنگ جي تبادلي ۾ چار شڪي ماڻهن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، جن وٽان هٿيار، هڪ موٽرسائيڪل ۽ هڪ موبائل فون هٿ ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو