‘ليٽر گيٽ’ بريفنگ لاءِ وزيراعظم نه آيو، اپوزيشن جو بائيڪاٽ

‘ليٽر گيٽ’ بريفنگ لاءِ وزيراعظم نه آيو، اپوزيشن جو بائيڪاٽ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ڌمڪي واري خط جي معاملي تي قومي سلامتي ڪميٽي جي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس 6 وڳي طلب ڪيو هو جنهن ۾ مخالف ڌر کي به دعوت ڏني وئي هئي ۽ چيو ويو هو ته ‘ليٽرگيٽ’ تي پرڏيهي معاملن جو وفاقي وزير شاهه محمود قريشي بريفنگ ڏيندو جنهن تي اپوزيشن چيو ته هڪ پاسي چيو ٿو وڃي ته هي حساس قومي مسئلو آهي ٻئي پاسي وزيراعظم قومي سلامتي بابت پارليماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ پاڻ بريفنگ لاءِ نٿو اچي. مخالف ڌر چيو ته جيڪڏهن وزيراعظم نه ايندو ته اسين بريفنگ ۾ شرڪت نه ڪنداسين. .

پهنجو تبصرو موڪليو