ھندو واپاري ھٿياربندن هٿان  قتل

ھندو واپاري ھٿياربندن هٿان قتل

شڪارپور (عبدالخالق سومرو) شڪارپور جي اناج منڊي وٽ منشي ھندو واپاري کي ھٿياربندن بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي حد ۾ اناج منڊي ۾ منشي طور ڪم ڪندڙ شنڪر لعل ولد سندر لعل کي موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن  پسٽل ۽ رپيٽر جا فائر ڪري زخمي ڪيو، جنھن کي واپارين ۽ علائقي واسين حد جي پوليس جي مدد سان شڪارپور جي سول اسپتال آندو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻيء حوالي ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مقتول شنڪر لال جو مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو، جن روئيندي پٽيندي لاش جھاز چوڪ تي رکي ڌرڻو ھنيو جنھن بعد ھندو برداري سياسي سماجي ڌرين پاران جيل چورنگي وٽ لاش رکي ڌرڻو ھنيو ويو، جنھن سبب سنڌ کان بلوچستان ۽ پنجاب ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ھندو برادري جو چوڻ آھي تہ شنڪر لعل کي بي ڏوھ قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آھي،جڏھن ڌرڻي کي ختم ڪرائڻ لاءِ ايس ايس پي شڪارپور ۽ اي ايس پي سٽي ھندو برادريءَ سان ڳالھيون ڪرڻ لاء پھتا، ھندو برادري مطالبو ڪيو آھي بيدردي سان قتل ڪيل شنڪر لعل جي قتل جو ڪيس دھشتگردي ايڪٽ داخل ڪيو وڃي تہ ھو ڌرڻو ختم ڪندا، ٻئي پاسي پوليس مطابق واقعي ۾ ملوث جوابدار احمد خان گوپانگ کي گرفتار ڪيو ويو آھي، جڏھن تہ واقعي جو ڪيس وارثن جي فرياد مطابق داخل ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو